ارڙهين ترميم سبب اسان جي نسل ڪشي پئي ٿئي، ڪراچي وفاق حوالي ڪيو:مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي: (رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ۽  وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ارڙهين ترميم جي ڪري اسان جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي، انهي ڪري وفاقي حڪومت آرٽيڪل 146 جي تحت  ڪراچي کي وفاق جو حصو قرار ڏئي.ڪراچي ۾ بهادر آباد آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو ته هي شهر اهڙو نه هو. ڪيترو رت ڏينداسين، ڪيترا حادثا برداشت ڪنداسين هاڻ ته هن شهر جي رهواسين جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم وڏين پارٽين مان هڪ آهي اسان پنهنجي ذميواري کي چڱي طرح سمجهون ٿا. وفاقي وزير چيو ته اهو نه ڏسو ته ڪهڙي لهجي ۾ چئي رهيو آهيان اهو ڏسو ته ڇا چئي رهيو آهيان، رياست کان مطالبو ڪريون ٿا ته ڪراچي کي وفاق جو حصو قرار ڏنو وڃي.هن چيو ته جيڪڏهن شهر جي لاءِ ڳالهايان ٿو ته اهو فيشن بڻجي ويو آهي ته چوندا ته بلديه فيڪٽري جو جواب ڏيو، اوهان 18 سالن کان آهيو، اوهان اسان کي ڦاهي ڇو نٿا ڏيو، سزا ڇو نٿا ڏيون، اوڀر پاڪستان ۾ هتي اسان ۽ هوڏانهن توهان جو نعرو ايم ڪيو ايم لڳايو هو؟ 27 ڊسمبر تي بينظير جي شهادت تي دڪانن گاڏين ۽ فيڪٽرين کي باهه ايم ڪيو ايم ڏني؟ مرتضيٰ ڀٽو کي به ايم ڪيو ايم قتل ڪرايو؟ بينظير جي قاتلن کي به ايم ڪيو ايم کليل ڇڏيو؟ بينظير جي شهادت تي ايم ڪيو ايم ڀڃ ڊاهه ۽ باهيون ڏنيون هيون؟ پيپلز پارٽي کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اوهان جيڪي اسان تي الزام لڳائيندا آهيو انهي تي اسان به الزام لڳائي سگهون ٿا.مصطفيٰ ڪمال چيو ته ايم ڪيو ايم رياست سان تعاون ڪري را جا هٿيار جمع ڪري رياست کي ڏنا. رياست 30 سالن تائين را جي دٻدٻي کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، رياست کي هن شهر مان را جي ڏنل هٿيارن جا ٽرڪ ڀري ڏنا ويا. هن چيو ته هي شهر ڪهڙن ماڻهن جي حوالي ڪيو ويو آهي هڪ ڏينهن ۾ 100 ماڻهو مري رهيا آهن. اها کليل جمهوري دهشتگردي آهي. ڪيترا ٻيا ماڻهو سڙي مرن، ڪيترا وڌيڪ ٻار گٽر ۾ ڪري فوت ٿين، اسان جي داد رسي ڪڏهن ٿيندي؟ ماڻهن کي ڪهڙي تسلي ڏيون؟ وفاقي وزير چيو ته 18 سالن کان اوهان ماڻهن جي حڪمراني آهي. اوهان اهڙي طرح جي سانحن جو انتظار ڪندا آهيو. ايم ڪيو ايم جي ميئر جي زماني ۾ به باهيون لڳيون هيون. بولٽن مارڪيٽ ۾ لڳل باهه ڪنهن کي ياد نه آهي. وفاق ۽ رياست جي ادارن کي چوان ٿو هي شهر اڃان ڪيتريون قربانيون ڏينديون. وزيراعظم چاهيندي به هن شهر لاءِ ڪجهه نٿو ڪري سگهي. ڇو ته پيپلز پارٽي ناراض ٿي ويندي آهي. هن حڪومت کي هلائڻ لاءِ پيپلز پارٽي جي ضرورت آهي پر مري اسان رهيا آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.