ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ)ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجا اظهار الحسن چيو آهي ته ڪراچي ۾ 68 سيڪڙو ته وفاق آهي اهي 32 سيڪڙو تي اسان کي وڌيڪ مارڻ لاءِ آتا آهن،مان ته چوان ٿو ته ڪراچي کي ”ڪراچي ڪنٽونمينٽ ڪالوني“ جو نالو ڏنو وڃي،پوري ڪراچي ڪنٽونمينٽ ۾ هلي وڃي صحافي مظهر برلاس چيو آهي ته هر طرف رشوت ۽ ڪرپشن جون ڪهاڻيون آهن. الزام آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ اگهه مقرر ٿي چڪا آهن:اسسٽنٽ ڪمشنر لاءِسوا چار ڪروڙ روپياڊي ايس پي لاءِپوڻا چار ڪروڙ روپيا ۽ جيڪڏهن توهان رجسٽرار لڳڻ چاهيو ٿا ته سوا ٻه ڪروڙ رپيا اگهه آهي،هن چيو ته هر طرف ڪرپشن جي باهه لڳل آهي، ۽ ماڻهو آخرت بابت ڪا پرواهه به نه ٿا ڪن،متحده جي حيدر عباس رضوی چيو آهي ته ڪراچي جي 4 ڪروڙ جي آبادي 2 ڪروڙ ڳڻي وڃي ٿي،جنهن کي پندرهن سالن ۾ 3هزار چار سئو ارب رپيا ملڻا هئا هڪ پائي به نه ملي،جتي 20 سالن ۾ پاڻي جي هڪ ڦڙي جو به اضافو نه ٿيو،جتي 12 ارب جا ساليانو موبائل کسجن ٿا،اڍائي هزار گاڏيون ساليانو چوري ٿين ٿيون، هن چيو ته ، 18هين ترميم جا مقصد مڪمل نه ٿي سگهيا آهن، ۽ ملڪ ۾ وڌيڪ ترقي لاءِ ننڍا صوبا ۽ بهتر عملي عمل درآمد ضروري آهن.