گل پلازا سانحي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي: متحده

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ علي خورشيدي جو چوڻ آهي ته گل پلازا سانحي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي. ميڊيا سان ڳالهائيندي علي خورشيدي چيو ته گل پلازا سانحي ۽ ان جا نقصان توهان جي سامهون آهن. هن پيپلز پارٽي تي تنقيد ڪندي چيو ته اسلام آباد ۾ ٻڌايو ويو ته عام شهري ڪيترو خوشحال آهي، اسلام آباد ۾ پيش ڪيل تصوير هڪ خيالي تصوير هئي، 17 سالن جي اقتدار ۾ پاڻي جا 17 ڦڙا نه ڏنا ويا، 17 سالن جي اقتدار ۾ 17 اسپتالون نه ڏنيون ويون. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته توهان جون سڀئي بريفنگون ساڙي رک ٿي ويون. ڇا انهن جو ٺهيل نظام انهن کي وڌيڪ پيارو آهي يا انساني جانيون؟ جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ، جيڪي هن نظام جي حمايت ڪن ٿيون، اهي به برابر جون ڀائيوار آهن. هن چيو ته مقامي حڪومتي نظام وٽ نه اختيار آهن ۽ نه ئي وسيلا، صوبائي حڪومت سڀ وسيلا ۽ اختيار پاڻ وٽ رکيا آهن، انهن جي 17 سالن جي حڪمراني بي نقاب ٿي چڪي آهي. علي خورشيدي سوال ڪيو ته هي حادثا ڇو نه ٿا رڪجن، هي اي سي، ڊي سي ايريا گهمندا رهن ٿا، ڪميشن ڏئي ايندا آهن ۽ سڄي زندگي ڪميشن کائيندا رهن ٿا، صوبائي حڪومت جي سڄي بجيٽ هن شهر مان هلندي آهي، صوبائي حڪومت کي ذميواري ڏيکارڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.