ڪراچي (رپورٽر) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي چيو آهي ته گل پلازا جي مالڪ منظور شده نقشو نظرانداز ڪندي 1200 دڪان تعمير ڪيا، جڏهن ته نقشي موجب صرف 1021 دڪان ٺاهڻ جي اجازت هئي، اضافي طور 179 دڪان منظور شده نقشي کان وڌيڪ تعمير ڪيا ويا، ايس بي سي اي موجب 1998ع ۾ گل پلازا جي عمارت ۾ اضافي ماڙون تعمير ڪيون ويون، پارڪنگ ايريا ۾ دڪان ٺاهيا ويا ۽ ڇت کي به پارڪنگ ايريا ۾ تبديل ڪيو ويو، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو چوڻ آهي ته نقشي موجب گل پلازا ۾ بيسمينٽ سوڌو ٽن ماڙن جي اجازت هئي، جڏهن ته 2003ع ۾ اضافي ماڙ کي ريگيولرائز ڪرايو ويو، ايس بي سي اي موجب جيترا دڪان ٺاهڻ جي اجازت ڏني وئي هئي ان کان وڌيڪ دڪان ٺاهيا ويا جڏهن ته نڪرڻ وارن رستن تي به دڪان ٺاهيا ويا.