سنڌ، سنڌين جي آهي،پاڪستان کي هلائڻ وارا ڳالهيون ڪن\محمود اچڪزئي

ڪراچي (ذوالفقار راڄپر ) پاڪستان ۽ سنڌ جي سياستدانن، صحافين ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن   قردادون ۽ مطالبا ڪيا آهن ته اليڪشن ڪميشن جي چيئرمين کي هٽائي ڪميشن جي نئين سرجوڙجڪ ڪري ملڪ ۾ صاف شفاف چونڊن ڪرايون وڃن، پي ٽي آئي اڳواڻ عمران خان، سندس گهر واري ۽ ڊاڪٽر ماه رنگ سميت سمورا سياسي قيدي آزاد ڪيا وڃن، عمران خان، سندس زال مٿان ڪوڙن ڪيسن ۽ سزائن جو خاتمو ڪيو وڃي، سنڌ بلوچستان، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ سياسي سماجي ڪارڪنن جي جبري گمشدگي واري انساني حقن جي ڀڃڪڙي وارا عمل بند ڪيا وڃن، 26,27 ترميمون ختم ڪري ڪورٽ، پارليامينٽ کي آزاد ۽ خودمختيار بڻايو وڃي، پيڪا ائڪٽ ختم ڪري صحافت کي آزاد ڪري انگريزي اخبار ڊان ۽ صحافين جي معاشي ناڪا بندي ختم ڪئي وڃي، سنڌ ۽ ٻين صوبن کي 91 پاڻي معاهدي تحت پاڻي ڏنو وڃي، آئين مطابق صوبن جي معدنيات ۽ ٻين قدرتي ذخيرن مٿان صوبن جو حق آهي، ڪارپوريٽ فارمنگ واري پاليسي ختم صوبن جي زمينن تي قبضي ۽ غير ملڪي ڪمپنين کي وڪري واري پاليسي ختم ڪئي وڃي،  ڪي پي ۾ فوجي آپريشن بند ڪيو وڃي، افغانستان سان سمورا مسئلا سفارتي سطح تي حل ڪيا  وڃن، ايران ۽ وچ اوڀر جي صورتحال تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرايو وڃي، ميڊيا تي ووٽرن جي عمر 18 سالن مان وڌائي 25 سال ڪرڻ جون ڳالهيون هلن پيون ان کي مڪمل رد ڪيون ٿا، هر پاڪستاني 8 فيبروري تي سمورو ڪاروبار بند ڪري احتجاج جو ساٿ ڏئي، ان موقعي قومي اسيمبلي جي مخالفت ڌر جي اڳواڻ ،پشتون خواجه ملي عوامي پارٽي جي رهبر ۽ تحريڪ تحفظ آئين جي اتحاد جي چيئرمين  محمود خان اچڪزئي صدارتي تقرير ڪندي چيو ته پشتونن جو سڀ کان وڏو شهر دبئي آهي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته دبئي پٺاڻن جو شهر آهي سنڌ سنڌين جي ۽ ڪي پي پٺاڻن جو آهي،اسان سنڌ جي مالڪي نه ٿا چاهيون سنڌ جا مالڪ سنڌي آهن اسان رڳو هتي روزگار ڪرڻ اچون ٿا اسان کي اجورو ڏيو، اسان توهان جي شادي غمي ۾ گڏ آهيون، هن چيو ته ملڪ ۾ شيعا سني کي پاڻ ڪنهن ويڙهايو اسان ته سڀ هڪ مسجد ۾ گڏجي نماز پڙهڻ وارا آهيون، اچڪزئي چيو ته حڪومت جي غلط پاليسي سبب هاري ۽ آبادگار پٽاٽا نارنگيون ڦٽو ڪري رهيا آهن ،هن چيو ته سنڌي بلوچ پشتون سرائيڪي جيڪڏهن هٿيار ۽  منشيات جي سمگلنگ ڪري ٿو ته انهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي پر جيڪڏهن روزمره جون شيون وڪڻي ٿو ته اهو انهن کي ڌنڌو ڪرڻ ڏنو وڃي، هن چيو ته 8 فيبروري تي اسان کي نڪرڻو پوندو پر ڪنهن کي پٿر به ناهي هڻڻو، هن چيو ته سنڌ زنده باد ٿيندو ته پاڪستان زنده باد  ٿيندو. اچو سڀ ڀائر بڻجون پاڪستان کي هڪ گلدستو بڻايو، محمود خان اچڪزئي چيو ته گڏيل هندستان اڃا جڏهن پاڪستان جي نظرئي جو بنياد نه پيو هو ان وقت به سنڌ جي ماڻهن انگريزن سان مهاڏو اٽڪايو هو، سنڌ جا حر مجاهد ان وقت انگريز سان وڙهيا جڏهن ٻيو ڪوبه انگريزن جو نالو وٺڻ وارو نه هو ، نوجوان پير پاڳارو کي ڦاهي ڏئي ان جي قبر گم ڪئي  وئي، هن چيو ته پاڪستان کي هن صدي جو بهترين پهرين نمبر جو ملڪ بڻائي سگهون ٿا، پاڪستان کي هلائڻ وارا اچو ڳالهيون ڪيون ۽ سنڌين کي چئو ته هي ملڪ اسان توهان سڀني جو آهي،اسان جي آبادي پنجاب جي هڪ ضلعي جي برابر آهي توهان هڪ ضلعي جا ماڻهو   سنڀالي نه ٿا سگهو، ملڪ بچائڻ جو طريقو اهو آ ته سنڌين پنجابين بلوچن  پٺاڻن کي چئو ته هي ملڪ اوهان جو آهي ۽ دادو ۾ جيڪڏهن دهشتگرد ڳولڻا آهن ته دادو جو ماڻهو نشاندهي ڪندو، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي چيئرمين ،تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان سنڌ جي اڳواڻ زين شاهه چيو ته ملڪ ۾ شامل قومي وحدتن جي قومي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي، سياسي مخالفت جي بنياد تي عمران خان ۽ ٻين کي سو سالن جون سزائون ڏنيون ويون آهن، سنڌ جي درياء ۽ ڊيلٽا کي موت جي حوالي ڪيو ويو، سنڌ جو ماحولياتي نظام تباهه ڪيو پيو وڃي، ملڪ جي ڪمپني سرڪار سنڌ جي زمينن، معدنيات  کي واپاري بنيادن تي غير ملڪي ڪمپنين کي وڪرو ڪرڻ چاهي ٿي، هن چيو ته ڪورٽ جو قتل ڪري ۽ پارليامينٽ کي رٻڙ اسٽيمپ بڻائيو ويو آهي، ملڪ ۽ سنڌ جي مسئلن، آئيني قانوني حڪومت جي قيام لاءِ اسان جو ساٿ ڏنو وڃي، ملڪ مان آمريت جي خاتمي لاءِ سڀني سياسي پارٽين کي اسان کي گڏجي احتجاج ڪرڻو پوندو، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ پي ٽي آئي اڳواڻ اسد قيصر چيو ته عمران خان ملڪ ۾ آئين قانون جي بالادستي ۽ عوام جي خوشحالي لاءِ پنهنجي شاهاڻي زندگيءَ ترڪ ڪري قيد ڪيو ويو آهي، هن چيو ته پنجاب ۾ بدترين فاشسٽ نظام آهي،مريم نواز ۽ ٻين نواز ليگ جي ميمبرن پنجاب ۾ چونڊن م شڪست کاڌي هئي ۽ سنڌ ۾ بلاول ڀٽو زرداري کي ڀڳل روڊ نظر نه ٿا اچن، هن چيو ته اسان ٻڪريون نه آهيون، جنهن کي ڪو هڪ شخص پنهنجي مرضي سان هلائي سگهندو، اسان پوئتي نه هٽنداسين،جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته پاڪستان ۾ ملٽري سول آمريت حڪومتون رهيون آهن، ملڪ کي ڪنهن به صحيح آئيني رستي تي هلڻ نه ڏنو آهي، اسان جا حڪمران ايوب ۽ ٻين مان سبق حاصل نه ٿا ڪن، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ قادر رانٽو چيو ته تحريڪ تحفظ پاڪستان جي جدوجھد ۾ سنڌ متعلق ڪهڙي پاليسي آهي، اسان جي وجود کي خطرو آهي، جنهن جي بچاء جي جنگ وڙهي رهيا آهيون، پختون ڀائرن چون ٿا ته ڪراچي هنن جو سڀ کان وڏو شهر آهي، ڀارت مان آيل چون ٿا ته ڪراچي اتان کڻي آيا هئا، پر پوءِ به هن اتحاد ۾ شامل نه آهيون اسان ملڪ جي ٻين جمهوري جدوجهدن وانگر هن جدوجهد جو ساٿ ڏينداسين، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين ايڊووڪيٽ عبدالخالق جوڻيجو چيو ته سنڌ اسيمبليءَ پاڪستان ٺاهڻ جي قرارداد پاس ڪئي پر ملڪ ٺهڻ بعد چونڊيل حڪومت ختم ڪئي وئي، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ مظهر راهوجو چيو ته 1947 کان اڳ ڪراچي سنڌين جو شهر هو، هاڻي ڪراچي سميت سموري سنڌ جي ڊيموگرافي تبديل ڪئي پئي وڃي، سنڌ جو پاڻي چوري ٿي رهيو آهي، سنڌ جي تيل، ڪوئلي ۽ سمنڊ تي سنڌ جو حق نه رهيو آهي، قومي استحصال جا خاتمي، ملڪ م امن، خوشحالي ۽ معاشي طاقت، قومن جي برابري لاءِ آئيني قانوني برابري قائم ٿيڻ گهرجي، اڳوڻي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو ته ملڪ جي اقتصادي حالت خراب ٿي چڪي آهي، ملڪ کي بهتر ڪرڻ لاءِ هر هڪ کي سياست ڪرڻ جو حق هجي، هاڻي ته نوجوانن کي ووٽ جي حق کان محروم ڪرڻ جون ڳالهيون هلي رهيون آهن، روزاني عوامي آواز اخبار جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ چيو ته درٻاري ميڊيا تي اربين رپيا خرچ ٿي رهيا آهن ۽ انهن کان ڳريون رشوت به ورتيون وڃن ٿيون ۽ ڪرپشن جي بازار لڳي وئي آهي، ملڪ ۾ اصل حڪمرانن جون هر اداري مٿان حد دخليون وڌي رهيون آهن ملڪ ۾ آئين جي بحالي لاءِ گڏيل جدوجهد جي ضرورت آهي، سينيٽر مشتاق غني چيو ته پنڊي بواء فيل ٿي چڪو آهي، ڪي پي ڪي، ڊيرا ۾ غير قانوني فوجي آپريشن ڪري سرديء ۾ عوام لڏپلاڻ ڪري رهيو آهي، پختون عوام جي نسل ڪشي ۽ فوجي آپريشن جي مخالفت ڪندا رهنداسين، پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي اڳواڻ عليم عادل شيخ چيو ته ملڪ جي صورتحال تبديل ٿي رهي آهي ۽ پهريون ڀيرو سن ۾ جي ايم سيد جي سالگرهه تي پاڪستان زنده باد جا نعرا لڳا، سنڌ حڪومت حيدرآباد ۾ اسان جي آفيس جي بجلي بند ڪري ڇڏي، اسان 8 فيبروري تي ملڪ ۾ آئين جي بالادستي ۽ بحاليءَ لاءِ پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائينداسين، ان موقعي تي زبير احمد، جماعت اسلامي جي اڳواڻ مسلم، جمهوري پارٽي جي نورنبي راهوجو ،بي اين پي جي ساجد سعيد، ڊاڪٽر اصغر دشتي،سردار رحيم، بئريسٽر صلاح الدين ،عامر ورائچ ،علامه  راجا ناصر عباس ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پارليامينٽ، ڪورٽ ۽ پريس جي آزاديءَ، ملڪ جي وحدتن جي خودمختياري، جمهوريت جي قيام لاءِ ملڪ ۾ آئين جي بحالي، قانون جي بالادستي ۽ نئين سماجي معاهدي لاءِ سموري ملڪ ۾ هڪ تحريڪ جي ضرورت آهي ۽ 8 فيبروري تي عوام روڊن رستن تي پرامن نڪري اچي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.