سکر (رپورٽ: سيد نعيم شاهه) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ اٽو ۽ ڪڻڪ جي قيمتن ۾ غير معمولي واڌ جو وڏو سبب سامهون اچي ويو آهي. ذريعن موجب ڪڻڪ ۽ اٽي سان ڀريل ٽرڪن ۽ ڪنٽينرن کي بلوچستان جي رستي ملڪ کان ٻاهر اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي، جنهن کي وقت سر ڪارروائي ڪندي ناڪام بڻايو ويو. ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ادارن شڪارپور روڊ تي ڪامياب ڪارروائي ڪندي ڪڻڪ ۽ اٽي سان ڀريل 11 ڪنٽينر ۽ ٽرڪ پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيا. ذريعن جو چوڻ آهي ته اهي سڀ ڪنٽينر ۽ ٽرڪ افغانستان منتقل ڪيا پئي ويا. ابتدائي جاچ دوران انڪشاف ٿيو آهي ته ڪجهه ڪنٽينرن ۾ اها ڪڻڪ موجود هئي، جيڪا فلور ملن سرڪاري گودامن مان اٽو پيسڻ لاءِ حاصل ڪئي هئي، پر مقرر ڪيل مقصدن بدران ان کي غيرقانوني طور اسمگل ڪيو پئي ويو. عملدارن موجب سنڌ مان ڪڻڪ ۽ اٽي جي لڳاتار اسمگلنگ سبب سڄي صوبي ۾ اٽي جي قيمتن ۾ غير معمولي اضافو ٿيو آهي، جنهن ڪري عام شهري سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.
هن صورتحال نه رڳو مارڪيٽ ۾ کوٽ پيدا ڪئي آهي، پر مهانگائي جي لهر کي به تيز ڪري ڇڏيو آهي. ڪارروائي دوران پوليس اٽو ۽ ڪڻڪ کڻي ويندڙ سڀني ٽرڪن ۽ ڪنٽينرن جي ڊرائيورن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي. عملدارن جو چوڻ آهي ته هن غيرقانوني ڪاروبار ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ اسمگلنگ جي نيٽ ورڪ کي وائکو ڪيو ويندو.