احمدپور ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ، مال جو واپاري قتل

احمدپور (رپورٽ: مختيار علي ميتلو) احمدپور ٿاڻي جي حد ۾ ھٿياربندن گوليون هڻي مال جي واپاري کي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو 6 جوابدارن خلاف ڪيس داخل، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته احمدپور ڀرسان ڳوٺ حيات اڄڻ جي رھواسي ۽ چوپائي مال جي واپاري مسڪين عرف ڪٽار اڄڻ کي احمدپور ٿاڻي جي حد جيھا مسجد ڀرسان موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو اطلاع ملڻ تي احمدپور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پيرجوڳوٺ اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ان ڏس ۾ مقتول جي وارثن جو چوڻ هو ته ناريجا برادريءَ جي ھٿياربندن بيگناھ گوليون هڻي اسان جي همراهه کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو آهي جيڪو وڏو ظلم آهي، ٻئي طرف احمدپور ٿاڻي تي مقتول واپاري جي ڀاءُ مئومن اڄڻ جي فرياد تي اياز ناريجو سميت 6 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.