زرينه؛ تون ڇو صفا زرد لڳي پئي آهين.
ثمينه خبر ناهي، ڪمزوري به تمام گهڻي محسوس ٿئي ٿي. اسڪول مان واپسي تي سڄو ڏينهن هنڌ ۾ پئي هوندي آهيان، امان، هن قهر جهڙي سيءَ ۾ ٿانو ۽ ڪپڙا پئي ڌوئي.
يار زرينه؛ ماسي ڦاپل کي ڪم نه ڪرڻ ڏي، هو صفا ڪمزور آهي عمر به وڏي اٿس.
ها سمجهان ٿي پر ڇا ڪيان، مان به ساڻي ٿي پئي آهيان.
يار؛ تون به ته پنهنجو خيال نٿي رکين. تنهجو کائڻ پيئڻ صفا ڪونهي، گهٽ ۾ گهٽ کير ئي پيئندي ڪر.
ثمينه؛ ڳالهيون اهڙيون ٿي ڪرين، ڄڻ ڪو اسان وٽ پنهنجي ڳئون آهي، مال مويشي يا دڪان تي اسان وٽ نيوزيلينڊ جو کير ٿو اچي! 220 روپي ليٽر کير ۾ اڌ پاڻي ۽ ٻي جراثيمن واري ملاوٽ به آهي، جنهن ڪري پيٽ ئي خراب ٿيو پوي. باقي ٽيٽرا پيڪ تي به منهنجو ويساهه ڪونهي. هڪ ڏينهن اهو گهرايو هو اندران سائي رنگ جو کير نڪتو، اسان وٽ ڪا به شئي ملاوٽ کان خالي ڪونھي.
سچ ٿي چوين يار زرينه.
ثمينه ٿڌو ساهه کڻي، ڪاپيون چيڪ ڪرڻ ۾ لڳي وئي.
رسيس تي سڀ ٻار ڪلاسن مان ٻاهر نڪتا. مستي ۽ گوڙ ڪرڻ لڳا. ايتري ۾ زرينه جي نظر هڪ ننڍڙي پهرين ڪلاس جي ڇوڪري تي پئي، جيڪا سيءَ ۾ ڏڪندي نظر پئي آئي.
افشان پٽ؛ هيڏانهن اچو.
زرينه پيار سان هن کي پنهنجي طرف گهرايو.
جي مس، افشان به خوشي سان اسٽاف روم ۾ داخل ٿي پر سيءَ ۾ صفا ڏڪي پئي.
زرينه ڀاڪر پائي هن کي گرمي ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. مس توهان جو سوئيٽر گرم آهي مونکي ڏاڍو سي پيو پئي. افشان توکي صفا سنهڙو سوئيٽر پاتل آهي، هي ڪهڙو سيءُ جهليندو. ها مس مون امان کي چيو امان هن سوئيٽر ۾ مونکي سيءُ ٿيندو پر امان چيو ٻيو ڪونهي. مس مون وٽ جورابا به ناهن پيرن ۾ به گهڻو سي ٿئي ٿو، وري مس اسان جي ڪلاس جون دريون به ڀڳل آهن. تمام جهجهي هوا ٿي اچي. مس هن سيءَ ۾ بس هڪ مزو آهي، اسان کي ساڳ پيٽ ڀري کائڻ لاءِ ملي ٿو. اسان پاڻ پٽي ايندا آهيون، نه ته سدائين اڌ بک رهجي ويندي آهي. زرينه جي اکين مان لڙڪ لڙي آيا.
ثمينه، زرينه جي اکين جا لڙڪ ڏسي پريشان ٿي وئي. ڇا ٿيو زرينه تون ڇو مايوس آهين.
ها ثمينه، آئون واقعي به مايوس ٿي چڪي آهيان.
مايوسي گناهه آهي زرينه!
اسان غريبن جو جيڪڏهن مايوس ٿيڻ به گناهه آهي ته پوءِ ايوانن ۾ ويٺل ٿلهن پيٽن سان اسان جي ٽيڪسن مان پنهنجو ۽ پنهنجي ٻارن جو پيٽ ڀريندڙ هُو استحصالي انسان ڪهڙي کاتي ۾ اچن ٿا. جنهن جا ٻار اسان جي ئي پيسن مان ٻاهر ملڪن ۾ ،جتي اسان کان وڌيڪ سيءَ ۽ برفباري آهي. جنهن کان تنگ ٿيڻ بدران لطف اندوز ٿين ٿا ڇو ته انهن جي پيٽن ۾ صحت بخش کاڌو ۽ ملاوٽ کان خالي کير ۽ مکڻ آهن. جيڪي اسان جي رت مان انهن کي ملي ٿو.
ثمينه؛ تو مونکي چيو ته آئون پنهنجو خيال رکان ته مٺي خيال رکڻ لاءِ ڏوڪڙ جي ضرورت هوندي آهي. اسان جي سرڪاري اسپتالن جا حال تنهجي سامھون آهن. هتي صبح کان لائين لڳندي آهي جيڪا شام ڪري ڇڏيندي آهي. پوءِ به تسلي بخش علاج ڪونهي.
ٽيسٽون ايتريون مهانگيون جو منهنجي ڏاج جو اڌ سامان اچي وڃي.
زرينه تون صحيح آهين. افشان کي ڏڪندو ڏسي مونکي سنڌ سڄي ڏڪندي نظر آئي.
چون ٿا ته سنڌ جا ماڻهو ڪم چور آهن موڪلون ٿا گهرن وري اسان جا سنڌي ڀائر جيڪي ٻاهر ملڪن ۾ ڪم ٿا ڪن، سي به اسان تي ٺٺوليون ٿا ڪن ته پنڌ پڄي پاڻ کان ڪونه ۽ الزام گوڏن تي. ها اوهان صحيح ٿا چئو پر اسان جا فقط گوڏا نه پر چيلهون به ڪم ڪرڻ ڇڏي ويون آھن. توھان به سنڌ جا آهيو، ساڳي محنت ۽ مشقت هڪ پرائي ملڪ ۾ ڪيو پيا، ڇو ته توهان کي پنهنجي محنت کان وڌيڪ اجرت ملي ٿي. ملاوٽ کان پاڪ کاڌو ملي ٿو. جنهن جي ڪري اوهان جا گوڏا ۽ اوهان جون چيلهون سلامت آهن، شل سلامت هجن. هتي اسان جون زندگيون اسان جي وڏيرن، ڀوتارن ۽ سياستدان جي هٿن ۾ آهن. اسان جا مرد جڏهن ٻاهر نڪرندا آهن ڪنهن ڪم سانگي ته اسان انهن جي صحيح سلامت موٽي اچڻ جون دعائون ڪندا آهيون. نياڻين جون عزتون داءُ ته لڳيون پيون آهن.
ثمينه؛ تنھنجو هي تلخ سچ ڪاش انهن ايوانن ۾ ويٺل وڏن پيٽن واري ماڻھن تائين شل پهچي.
زرينه؛ وڏي معصوم آهين هي سچ هوش حواس واري ماڻھن تائين پهچندو آهي. کيسن ۾ شراب جون بوتلون ، شباب ۽ پيسن جي نشي ۾ غرق هي اسان جا حڪمران اکين کان انڌا ۽ ڪنن کان ٻوڙا ٿي چڪا آهن.
اسان هن انٽرنيٽ واري دور ۾ (جنهن جي به سروس سٺي ڪونهي) پر سڀ ڪجهه ڏسون پيا ته دنيا ڪيتري ترقي ڪري چڪي آهي. سرڪاري اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ڪيتريون سهولتون آهن، جو هتي پرائيويٽ سسٽم جي طرف ماڻھو وڃن ئي نٿا. مفت تعليم مفت علاج. اسان وٽ انهن ادارن لاءِ مليل فنڊ ڦٻائڻ لاءِ هوندا آهن. روڊن ۾ غير معياري سيمنٽ جو استعمال جنهن جي ڪري ڪجهه ئي عرصي ۾ روڊ رستا ٽٽي پون ۽ حادثن ۾ غريب ويو ته بار لٿو.
اسان کي سياري جون موڪلون نه کپن پر نااهل حڪمرانن لاءِ هميشه جي موڪلن لاءِ عرض ٿا ڪيون اسان کي بس اسان جو ملڪ، اسان جو ديس جرمني،ڪينيڊا، جهڙو نه کڻي پر ملائيشيا جهڙو جنهن کي آزادي به اسان کان پوءِ ملي آهي، جنهن جو طرز حڪومت ائين انفرااسٽرڪچر ڏسي دل باغ وبهار ٿي وڃي ٿي. جيڪو فقط نالي ۾ اسلامي جمهوري ملڪ ڪونهي پر اصل ۾ هڪ اسلامي ملڪ آهي جتي هر مذهب سان تعلق رکندڙ ماڻهو پنهنجي مذهبي آزادي ۽ سڪون سان رهن ٿا. بس اسان تي ٻيلي رحم ڪيو. سيءُ ته قدرتي آهي، ھليو ويندو پر جيڪو انسانن جي شڪلين ۾ اسان تي زميني حڪمرانن جو عذاب اسان جي گناهن جي صورت ۾ نازل ٿيل آهي. اُن مان اسان جي جان ڇڏايو.
اسان گناهن جي معافي ٿا گهرون. اسان سياري جون موڪلون نٿا گهرون.
ثمينه جون اکيون آليون ٿيون ۽ منهن آسمان ڏانهن هيس. رسيس ختم ٿي سڀ ٻار ڪلاسن ڏانهن وڃڻ لڳا.