راولپنڊي(م ڊ) قومي امن پيغام ڪميٽي فوج جي عوامي رابطن واري شعبي جي ڊائريڪٽر جنرل سان ملاقات ڪندي قومي بيانيي کي هٿي ڏيڻ لاءِ مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو آهي. قومي امن پيغام ڪميٽي جي جنرل هيڊ ڪوارٽر (جي ايڇ ڪيو) ۾ پاڪستان آرمي جي انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري سان ملاقات ٿي.ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، فتنہ الخوارج، پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي ۽ ٽي ٽي اي جي حوالي سان اندروني سلامتي تي هڪ جامع بحث ٿيو ۽ گڏيل موقف کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو.هن چيو ته قومي سلامتي جي معاملن ۾ اتحاد، بيانيي تي اتفاق راءِ وقت جي ضرورت آهي ۽ مظلومن جي حمايت پاڪستان جي اخلاقي ذميواري آهي. اجلاس ۾ قومي بيانيي کي هٿي ڏيڻ لاءِ مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو ويو ۽ پاڪستاني فوج سان مڪمل يڪجهتي ۽ رياست مخالف بيانيي جي خلاف گڏيل عزم جو اظهار ڪيو ويو.فتنہ الخوارج ۽ افغان طالبان جي مذمت ڪندي، اين پي اي سي چيو ته دهشتگردي جو ڪو به جواز ناهي.اين پي اي سي منبر ۽ محراب تان قوم جي اتحاد، سماجي هم آهنگي ۽ آئيني برابري جو پيغام سڄي ملڪ ۾ پکيڙڻ جو اعلان ڪيو، جڏهن ته نفرت انگيز تقرير، فرقيواريت ۽ تڪفيري بيانن جي خلاف صفر رواداري جي پاليسي اختيار ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو.