اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف سڀني جمهوري قوتن کي هڪ نئين جمهوري چارٽر لاءِ دعوت ڏني آهي ۽ سڀني پارٽين جي رضامندي سان اليڪشن ڪميشن جي ٻيهر جوڙجڪ جو مطالبو ڪيو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي جي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ متفقه طور تي هڪ قرارداد منظور ڪئي وئي، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته بي بنياد ۽ سياسي طور تي متاثر ٿيل ڪيس فوري طور تي ختم ڪيا وڃن، ۽ پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقاتون بحال ڪيون وڃن.قرارداد ۾ پنجاب حڪومت پاران ڪارڪنن تي لاٺي چارج ۽ سنڌ حڪومت پاران دورن ۾ رڪاوٽ جي مذمت ڪئي وئي. قرارداد ۾ اهو به مطالبو ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اهڙي طريقي سان ٺاهيو وڃي جنهن تي سڀني پارٽين جو اتفاق هجي، جڏهن ته شفاف، آزاد ۽ منصفانه نئين چونڊن کي يقيني بڻايو وڃي.