اسلام آباد(مزمل سهروردي+عبدالقيوم صديقي)جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي هڪ جج کي مستقل ڪيو ويو، پي ٽي آءِ وارا ڪميشن ۾ نه آيا۔ پي ٽي آءِ طرفان عملي طور ڪميشن جو بائيڪاٽ ڪيو ويوان سبب، پي ٽي آءِ ميمبرن جي غير موجودگي سبب سندن ووٽ ضايع ٿي ويا۔ اهڙي صورتحال اڳ به ڏسڻ ۾ آئي آهي۔ جڏهن 26هين آئيني ترميم کان پوءِ جسٽس منصور علي شاهه جي حوالي سان جڊيشل ڪميشن جي پهرين ميٽنگ ٿي، تڏهن به پي ٽي آءِ شامل نه ٿي هئي۔هميشه ڪنهن نه ڪنهن اهم موقعي تي اهي غير حاضر ٿي وڃن ٿا۔ سوال اهو آهي ته ڇا کين اشارا ملن ٿا ته اچڻو آهي يا نه اچڻو آهي؟ پر حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن اهي موجود به هجن ها، تڏهن به نتيجي تي ڪو خاص فرق نه پوي ها، ڇاڪاڻ ته اڪثريت اڳ ئي موجود هئي۔اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد آصف کي مستقل ڪرڻ جي مخالفت جسٽس محسن اختر ڪياني ڪئي، پر اڪثريتي راءِ سان فيصلو ٿي ويو۔اسلام آباد ۾ هڪ حادثي بابت به جڊيشل ڪميشن ۾ بحث ٿيو، جنهن ۾ جسٽس محمد آصف جي پٽ جي گاڏي هيٺ ٻه ناريون اچي فوت ٿيون هيون، ان معاملي ۾ جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني متفق هئا ته جسٽس محمد آصف پنهنجي عهدي جو ناجائز استعمال نه ڪيو، بلڪه هن متاثر خاندان وٽ وڃي معافي به گهري،ان عمل کي ساراهيو ويو۔. جسٽس محسن اختر ڪياني ان جي باوجود سندس مستقل ٿيڻ جي مخالفت ڪئي، پر اڪثريت سندن حق ۾ هئي،لاهور هاءِ ڪورٽ جي هڪ جج خلاف سوشل ميڊيا تي هلندڙ ريفرنس بابت چيو ويو ته ان ۾ اهڙو ڪو مضبوط مواد نظر نٿو اچي، جنهن جي بنياد تي سپريم جڊيشل ڪائونسل ڪارروائي ڪري،ٻئي پاسي وفاقي آئيني عدالت ۾ هزارين ڪيس منتقل ٿي چڪا آهن، ۽ وڌيڪ ڪيس به منتقل ٿيندا۔ 26هين ۽ 27هين آئيني ترميم خلاف داخل درخواستن تي فوري ٻڌڻي جو امڪان گهٽ آهي جسٽس طارق جهانگيري ڪيس بابت چيو ويو ته جيڪڏهن اپيل داخل ڪئي وئي آهي ته اها وفاقي آئيني عدالت ۾ ئي ٻڌي ويندي، ڇاڪاڻ ته اهو آئيني نوعيت جو معاملو آهي۔. آخر ۾ وضاحت ڪئي وئي ته سپريم جڊيشل ڪائونسل هن معاملي تي ان ڪري خاموش آهي، ڇو ته هاءِ ڪورٽ اڳ ئي فيصلو ڏئي چڪي آهي، ۽ پوءِ اهو معاملو سپريم جڊيشل ڪائونسل جي دائري ۾ نٿو اچي۔