پ پ جو اتحاد ۾ شامل رهڻ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي:پرويز اشرف

اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي وزيراعظم ۽ پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ راجا پرويز اشرف چيو آهي ته پيپلز پارٽي جو حڪومتي اتحاد ۾ شامل رهڻ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي۔اسلام آباد ۾ هڪ اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي راجا پرويز اشرف چيو ته حڪومت آرڊيننس واري معاملي تي اسان جي واڪ آئوٽ جو نوٽيس ورتو آهي، جيڪا سٺي ڳالهه آهي،هن چيو ته هاڻي اسان کي ڏسڻو پوندو ته اهو قدم ڇو کنيو ويو ۽ ڪهڙين حالتن ۾  اهو فيصلو ڪيو ويو۔راجا پرويز اشرف وڌيڪ چيو ته حڪمران اتحاد ۾ مڪمل يڪجهتي جي فضا موجود آهي، ۽ اها يڪجهتي پاڪستان جي مفاد ۾ آهي۔ پيپلز پارٽي جو حڪومتي اتحاد ۾ رهڻ به پاڪستان جي مفاد ۾ آهي،هن چيو ته پي ٽي آءِ سميت سڀني سياسي جماعتن کي قومي مفاد ۾ فيصلا ڪرڻ گهرجن۔ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر جي مقرري جو معاملو حل ٿي ويندو، ۽ اسان جو ڪو به ماڻهو مخالف ڌر اڳواڻ  نه بڻجندو۔هن چيو ته وزيراعظم طرفان ڪابينا جي ميمبرن کي اجلاس ۾ شرڪت يقيني بڻائڻ جو حڪم بلڪل درست آهي، ڇاڪاڻ⁠ ته  ڪابينا جا اجلاس انتهائي اهم هوندا آهن، ۽ هر ميمبر لاءِ لازمي آهي ته هو انهن ۾ شرڪت ڪري۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.