ٽرمپ انتظاميا ايران ۾ حملن تي غور شروع ڪري ڇڏيو، اسرائيل ۾ هاءِ الرٽ

نيو يارڪ/تل ابيب (م ڊ) آمريڪي اخبار دي نيو يارڪ ٽائمز موجب، ٽرمپ انتظاميا ايران ۾ غير فوجي هدفن تي ممڪن حملن تي سنجيدگي سان غور ڪري رهي آهي ۽ صدر ٽرمپ کي ايران تي فوجي حملي جيآپشنن بابت بريفنگ ڏني وئي آهي، جڏهن ته، اڃا تائين ڪو به حتمي فيصلو نه ڪيو ويو آهي. صدر ٽرمپ تازو ئي ايراني قيادت کي خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن مظاهرين کي ماريو ويو ته ايران تي سخت حملو ڪيو ويندو. ٽرمپ چيو ته ايران اڳ کان وڌيڪ وڏي آزادي ڏانهن وڌي رهيو آهي ۽ آمريڪا مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي. اسرائيلي وزيراعظم ۽ آمريڪي سيڪريٽري آف اسٽيٽ جي وچ ۾ ايران ۾ ممڪن آمريڪي مداخلت تي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جڏهن ته اسرائيل به ممڪن آمريڪي حملي جي نظر ۾ هاءِ الرٽ تي آهي. ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف خبردار ڪيو ته ايران تي حملي جي صورت ۾، خطي ۾ اسرائيل ۽ آمريڪي اڏا ايران لاءِ جائز نشانو هوندا. پارلياماني اجلاس کي خطاب ڪندي، ايراني اسپيڪر چيو ته ايران پنهنجي دفاعي حڪمت عملي کي انتقامي ڪارروائي تائين محدود نه ڪندو پر واضح ۽ عملي خطرن جي بنياد تي اڳواٽ ڪارروائي پڻ ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.