تهران (م ڊ) ايران ۾ پرتشدد احتجاجن دوران سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 192 ماڻهو مارجي ويا آهن. ايراني ذريعن موجب، گذريل ڏينهن ۾ پرتشدد احتجاجن جي 200 کان وڌيڪ منتظمين کي گرفتار ڪيو ويو ۽ وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا. اسرائيل لاءِ جاسوسي جي الزام ۾ هڪ پرڏيهي شهري کي به حراست ۾ ورتو ويو. ناروي ۾ قائم ايراني انساني حقن جي تنظيم موجب، فوتگين جو انگ اڃا به وڌيڪ ٿي سگهي ٿو. ايراني انساني حقن جي تنظيم جو چوڻ آهي ته انٽرنيٽ بندش سبب فوتگين جو صحيح انگ ظاهر ناهي ٿي سگهيو. ايراني حڪومت جو چوڻ آهي ته پرامن احتجاجن تي ڪا به پابندي ناهي، پر جيڪي پرڏيهي آقائن جي حڪم تي احتجاجن جي اوٽ ۾ مسجدن، سرڪاري آفيسن ۽ شهري ملڪيت کي ساڙيندا آهن انهن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو. ايراني صدر مسعود پزشڪيان ايران ۾ ٿيندڙ فسادن جو ذميوار آمريڪا ۽ اسرائيل کي قرار ڏيندي چيو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل ايران ۾ ڏڦيڙ ۽ بدامني پکيڙڻ چاهين ٿا. ايراني عوام کي پاڻ کي فسادين ۽ دهشتگردن کان پري رکڻ گهرجي ۽ فسادين کي ڏڦيڙ پکيڙڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي. ٻئي پاسي عماني پرڏيهي وزير بدر ابو سعيد تهران جو دورو ڪيو ۽ ايراني صدر مسعود پزشڪيان سميت اعليٰ عملدارن سان ملاقات ڪئي. ابو سعيد چيو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ايران سان هاڪاري لاڳاپا برقرار رکيا ويندا. ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو ته عمان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. دوري دوران علائقائي امن ۽ ٻطرفي لاڳاپن تي اهم ڳالهيون ٿيون.