پاڪستان کي خطي ۾ آءِ ٽي جو مرڪز بڻائينداسين: وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستاني نوجوانن کي بين الاقوامي معيار جي آئي ٽي تعليم ۽ تربيت فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن مان هڪ آهي. آئي ٽي جي ترقي لاءِ ارفع ڪريم فائونڊيشن جو قيام هڪ خوش آئند قدم آهي، جنهن لاءِ حڪومتي سطح تي هر ممڪن مدد يقيني بڻائي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران آچر تي جاري ڪيل بيان موجب، هن اهڙن خيالن جو اظهار لاهور ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ ثمينه امجد، مرحومه ارفع ڪريم رنڌاوا جي والدين امجد ڪريم رنڌاوا ۽ ارفع ڪريم فائونڊيشن جي چيف ايگزيڪيوٽو تابنده اسلام سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم ارفع ڪريم کي ننڍي عمر ۾ آئي ٽي جي شعبي ۾ سندس خدمتن ۽ پاڪستان کي شان ۾ آڻڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو.هن چيو ته ارفع ڪريم جي آئي ٽي شعبي ۾ انمول خدمتن جي اعتراف ۾، لاهور ۾ آئي ٽي ٽاور جو نالو مرحومه جي نالي تي رکيو ويو آهي، جيڪو هاڻي ارفع ڪريم ٽاور جي نالي سان مشهور آهي. حڪومت پاڪستان کي خطي ۾ آئي ٽي شعبي جو مرڪز بڻائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي.  ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف ڊسمبر 2025 ۾ رڪارڊ رقم موڪلڻ تي سمنڊ پار پاڪستانين جو شڪريو ادا ڪيو. هڪ بيان ۾ چيو ويو ته سمنڊ پار پاڪستانين ڊسمبر 2025 ۾ 36 ارب ڊالر جي رقم موڪلي، جنهن لاءِ هو شڪرگذار آهي.سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.