ڳالهين لاءِ گرين سگنل، ڊائلاگ لاءِ تيار آهيون، پي ٽي آءِ سنجيدگي ڏيکاري: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر مخالف ڌر سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تياري ڏيکاري آهي. مسلم ليگ ن جي سينئر اڳواڻ رانا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته حڪومت سنجيده ڳالهيون چاهي ٿي، هاڻي اهو مخالف ڌر تي منحصر آهي ته اها ڳالهين لاءِ اچي ٿي يا نه.مسلم ليگ ن جي اڳواڻ رانا ثناءُ الله چيو آهي ته حڪومت مخالف ڌر سان ڳالهين لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي، پر هاڻي تائين مخالف ڌر طرفان ڪو به مثبت جواب نه آيو آهي.هن چيو ته وزيراعظم ٽي ڀيرا اپوزيشن کي ڳالهين لاءِ دعوت ڏني آهي.رانا ثناءُ الله الزام لڳايو ته پي ٽي آءِ جي باني کليل طور تي چيو آهي ته هو ڳالهيون نه ٿو ڪرڻ چاهي. سندس مطابق پي ٽي آءِ جو باني ملڪ ۾ تشدد، گهٽين ۾ تحريڪ ۽ انتشار جي سياست کي هٿي ڏيڻ چاهي ٿو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو باني 9 مئي جي هڪ ٻئي واقعي جي ڳولا ۾ آهي ۽ ملڪ ۾ انتشار پيدا ڪرڻ چاهي ٿو. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ چيو ته اپوزيشن هڪ بلاڪ بسٽر هڙتال جي ڳالهه ڪري رهي آهي، پر اهي ماڻهو پنهنجن مقصدن ۾ بُري طرح ناڪام ٿيندا.رانا ثناءُ الله واضح ڪيو ته ڳالهيون هميشه سياسي پارٽين جي وچ ۾ ٿينديون آهن ۽ ڳالهيون ڪرڻ سياسي پارٽين جو آئيني ۽ جمهوري مينڊيٽ آهي. هن چيو ته مسئلن جو حل صرف ڳالهين ۽ سياسي عمل ذريعي ئي ممڪن آهي. وزيراعظم شهباز شريف حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي وچ ۾ ڳالهين جي لاءِ گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي. ذريعن موجب حڪومت ۽ تحريڪ انصاف جي وچ ۾ ڳالهين جي معاملي تي وزيراعظم شهباز شريف اسپيڪر اياز صادق کي گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي جڏهن ته حڪومتي وفد اسپيڪر جي درخواست تي ڳالهين جي لاءِ تيار آهي. حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف جي چونڊيل نمائندن سان ئي ڳالهيون ٿينديون. غير چونڊيل نمائندن سان ڳالهيون نه ٿينديون. ٻئي طرف اسپيڪر آفيس جي ذريعن جو چوڻ آهي ته اڃان تائين ڳالهين جي لاءِ تحريڪ انصاف جي ڪنهن به اڳواڻ باضابطه طور تي رابطو نه ڪيو آهي.اسپيڪر آفيس جي ذريعن موجب سردار اياز صادق اڃان تائين پارلياماني ڪميٽي کي برقرار رکيو آهي. اپوزيشن راضبو ظاهر ڪيو ته فوري طور تي اسپيڪر پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس گهرائيندو.انهي حوالي سان پارلياماني ذريعن جو چوڻ آهي ته اسپيڪر جي آڇ باوجود اڃان تائين مخالف ڌر طرفان ڪوبه رابطو نه ڪيو ويو آهي. اسپيڪر تحريڪ انصاف کي پنهنجي چيمبر ۾ اچڻ جي دعوت ڏني آهي ياد رهي ته تحريڪ انصاف اسپيڪر سان آخري ملاقات محمود اچڪزئي کي اپوزيشن اڳواڻ بنائڻ جي لاءِ ڪئي هئي.

 پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته جيڪڏهن ڪو بامعني ڳالهه ڪرڻ چاهي ٿو ته عمران خان سان صلاح ڪئي ويندي ته اڳتي ڪهڙو رستو اختيار ڪجي. هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ پرامن سياسي جدوجهد تي يقين رکي ٿي ۽ ان رستي تي اڳتي وڌندي، پر جيڪڏهن ڳالهه نه ٻڌي وئي ته پوءِ ڳالهين جي نالي تي ويٺي بسڪٽ کائڻ جو ڪو به فائدو ناهي. هن چيو ته حڪومت طرفان ڳالهين لاءِ نه ته ماحول نظر اچي ٿو ۽ نه ئي نيت، جڏهن ته ڳالهين جو مينڊيٽ محمود اچڪزئي ۽ راجا ناصر عباس وٽ آهي. هن مطالبو ڪيو ته وڪيل، سندس ڀينرون ۽ سياسي اڳواڻ عمران خان سان آزادانه ملاقات ڪن. سلمان اڪرم راجا چيو ته هڪ بيانيو ٺاهيو پيو وڃي ته پي ٽي آءِ انتها پسند آهي ۽ ڳالهيون نٿيون چاهين، جيتوڻيڪ حقيقت اها آهي ته حڪومت جي ڳالهين جي آڇ ۾ ڪا به سنجيدگي ناهي. هن واضح ڪيو ته عمران خان کي جيل ۾ رکڻ ۽ پوءِ کيس ڳالهين جي ميز تي بسڪٽ کائڻ ۽ ڳالهيون ڪرڻ لاءِ چوڻ ممڪن ناهي. هن چيو ته اهو خيبرپختونخوا ۽ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي ته سڀئي اسٽيڪ هولڊر گڏجي هڪ گڏيل ايڪشن پلان تيار ڪن. هن چيو ته هو ڪنهن تي به آڱريون نه کڻڻ چاهيندو آهي، سياسي پارٽين ۽ ادارن کي گڏجي ويهڻو پوندو ۽ مسئلا حل ڪرڻا پوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.