شهبازشريف جا اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپا ”مثالي“ ڪو به ”ونڊر بواءِ“ نه پيو اچي

اسلام آباد(انصار عباسي)باخبر ذريعن مطابق، وزيراعظم شهباز شريف کي تبديل ڪرڻ يا انهن جي جاءِ تي ڪنهن خاص شخص يعني ’’ونڊر بواءِ‘‘ کي مقرر ڪرڻ لاءِ ڪا به ڳولا يا منصوبه بندي مبينه طور تي نه ٿي رهي آهي.ذريعن وڌيڪ واضح ڪيو ته وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي وچ ۾ لاڳاپا۽ گڏيل  احترام مڪمل طور تي اڳ وانگر ئي شاندار آهن. وزيراعظم ۽ فوجي قيادت جي وچ ۾ سمجهوتو، ڪم ڪرڻ جي هم آهنگي ۽ گڏيل عزت ۾ ڪا تبديلي واقع نه ٿي آهي.هن سلسلي ۾ هڪ سڌي سوال جي جواب ۾، اهم عهدي تي ڪم ڪندڙ هڪ ذريعي چيو، "هي لاڳاپا لڪل شاندار آهن.” ساڳي وقت،هن  اها به تصديق ڪئي ته ڪنهن مبينه وڏي منصوبه بندي تحت ’’ونڊر بواءِ‘‘ جي ضرورت جو ڪو تصور حقيقت نه رکي ٿو.هي بحث تازي ڏينهن ۾ سينئر صحافي ۽ ڪالم نگار سهيل وڙائچ جي لکيل هڪ ڪالم کان پوءِ زور پکڙيو، جنهن ۾ لکيو ويو هو ته اندازو آهي ته گرينڊ پلان ۾ هڪ ونڊر بواءِ جي ضرورت محسوس ڪئي پئي وڃي. شهباز شريف سون آهي، پر هاڻي سون  نه، هيري جهڙي قابليت وارو ونڊر بواءِ گهربل آهي، جيڪو سالن جي سستي کي ختم ڪري سگهي باخبر ذريعن اهو تاثر سختي سان رد ڪيو ۽ واضح ڪيو ته وزيراعظم جي حيثيت يا فوجي قيادت سان سندن تعاون کي ڪو خطرو نه آهي ۽ ڪو به بنياد نٿو رهي جيڪو ان ڳالهه کي ثابت ڪري ته ڪنهن ونڊر بواءِ جي ضرورت آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز،  خميس 08 جنوري 2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.