عورت ۽ 3 ٻارن جو قتل ڪيس، جوابدار جو جسماني رمانڊ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ مائي ڪولاچي واري علائقي جي گٽر مان چار لاش ملڻ واري ڪيس ۾ عدالت اهم اڳڀرائي ڪندي گرفتار جوابدار کي پنج ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جتي پوليس گرفتار جوابدار مسرور حسين کي پيش ڪيو، ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار کان قتل جو هٿيار برآمد ڪرڻو آهي ۽ وڌيڪ جاچ ذريعي قتل جي پٺيان اصل حقيقتون سامهون آڻڻيون آهن، جاچ آفيسر موجب ٻه جنوري تي گٽر مان چار لاش هٿ آيا هئا، عورت انيلا، ڪشور زهرا، حسنين ۽ ذوالقرنين کي قتل ڪري لاش گٽر ۾ اڇلايا ويا هئا، عدالت جوابدار خلاف الزام کي انتهائي سنگين قرار ڏيندي پنج ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪيو ۽ جوابدار کي پوليس حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کان اڳڀرائي رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي، عدالت ريمارڪس ڏنا ته جوابدار خلاف الزام سنگين نوعيت جو آهي، تنهنڪري جسماني ريمانڊ ضروري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.