جيئن ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته ” زندگيءَ جي خوبصورتي اها آهي ته توهان جي زندگيءَ مان ٻيا انسان ڪيترو خوش آهن“ اهڙو ئي هڪ انمول ڪردار ادا ديدار علي بيدار جعفري هو جنهن سان پنهنجي محبت جو نه وسرندڙ رشتو جڙيو ۽ زبردست رهيو۔ منهنجي مٺڙي ڀاءُ زهير حسين حيدري کان پوءِ منهنجي زندگيءَ ۾ بس ٻيو هڪڙوئي دوست هو جيڪو منهنجو همخيال، هم زُبان، همراز، همدم ۽ قربت جي باعزت رشتي ۾ قائم رهيو۔
بيدار جعفري هڪ سدا ملوڪ طبيعت، نماڻا احساس رکندڙ ۽ من موهيندڙ جذبات جو مالڪ انسان هو۔ سندس اعلى قدر خيالات، دنيا جي انقلابي تنظيمن جي مشاهدي جي اک باز کان بازي کڻي ويندڙ هئي ۽ اها ئي سندس عظيم خصلت هئي جنهن مون جهڙي جستجو ڪندڙ شخص لاءِ هن سان گھرا رابطا رکڻ جو سبب بڻي۔ هي درويش صفت ماڻهو منهنجي لاءِ هڪ ادارو هو سندس فڪري راھ تي هلڻ جي پختن ارادن مون کي هميشھ لاءِ هن جو عاشق بڻائي رکيو۔ هو سماجي، ثقافتي ۽ صحافتي سرگرمين جو مُهندار هو۔ هن جي مذهبي ۽ سماجي سرگرمين منهنجي لاءِ اتساھ سان هر وقت سرگرم رهڻ جو ڏيئو ٻاري رکيو۔ هن جي تاريخ ۽ انقلابي تحريڪن سان دلچسپي پنهنجو مثال پاڻ هئي هونءَ ته سڄي دنيا جي معاملن تي خوب ڳالهائيندو هو پر وچ اوڀر بالخصوص ايران، عراق، لبنان، يمن ۽ ٻين مڙني انقلابي تحريڪن جي نه صرف ڀرپور حمايت ڪندڙ هو بلڪه انهن بابت پَل پَل جي ڄاڻ رکندو به هو ۽ سنگت کي پِڻ آگاھ ڪندو رهندو هو۔
اخباري دنيا سان گھرو تعلق هو جتي به رهيو پنهنجي قلم سان ڪربلا جي عظيم پيغام کي اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو مانائتو ڪرادر ادا ڪندو رهيو۔ ان سلسلي ۾ سندس سبط جعفر شهيد هن جو آئيڊيل رهيو۔
پاڻ مجاهد ملت بابا سيد امام علي شاھ ڪاظميءَ کان ڏاڍو متاثر هو تنهن ڪري باقي ٻين تنظيمن کي ڇڏي اسان جي لڏي ۾ شامل ٿيو ۽ سندس جوش جزبي ۽ مڪمل ڄاڻ سان ڀرپور تقريرون ورڪرن لاءِ مشعل راھ رهيون۔ هو جڏهن به گڏجاڻي۾ شرڪت ڪندو هو ته مون سان ۽ زهير حسين حيدري سان جوڙ ٺاهي ويهندو هو ۽ جڏهن به اڪيلا ٿيندا هئاسين ته به اسان ٽهي پاڻ ۾ روح رهاڻ ڪندا هئاسين۔ هو شاعر ته ڪونه هو پر عاشق مزاج طبيعت رکندو هو۔ هو عشق اهلبيت جو نمايان نشان هو۔ هر محفل ۾ سبط جعفر جا انقلابي شعر ضرور پڙهندو هو۔ ۔ هو اڻانگن پيچرن تي هلندي ڪنڊن کا پاڻ بڄائڻ جو ڪارائتيون ڳالهيون ٻڌائيندو هو۔ هو اڪثر ڪربلا ۽ ان جي آفاقي پيغام کي ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ لکندو رهيو۔ هن جي ”باڊھ بوند بهار“ کان پوءِ اسان به اخباري دنيا ۾ لکڻ جو سلسلو شروع ڪيو۔ 1996 ۾ جڏهن هو عوامي آواز اخبار ۾ سب ايڊيٽر هو ته منهنجو حجاج بن يوسف خلاف لکيل مضمون شايع ڪرايو جنهن کان پوءِ اسان به قلمي دنيا ۾ داخل ٿياسين۔ هن جي ئي همٿائڻ سان مون گذريل سال ”شڪارپور جي عزاداري“ ڪتاب لکيو جنهن ۾ پڻ هن جو ۽ سندس نياڻي ڊاڪٽر نفيس فاطمه جعفري جو مضمون به شامل آهي۔ ڪتاب جي مهورت لاءِ هو باقي ٻين دوستن کان اڳ شڪارپور پهچي منهنجي عزت افزائي جو سبب بڻيو۔ منهنجي ڪتاب کي تمام گھڻن ماڻهن تائين پهچائڻ جو وسيلو پڻ بڻيو۔
تاريخ 6 جنوري 2025 تي سندس اوچتي وفات سڄي سنگت کي بلڪل جھوري وڌو۔ هن جو وڇوڙو تاحيات محسوس ٿيندو رهندو۔ هن مخلص، پرخلوص ۽ محبتن جي سمنڊ جهڙي دوست جي روح پرور گفتگو جي سڳنڌ هميشھ محسوس ٿيندي رهندي۔