ڪرن جوهر ” ڪڀي خوشي ڪڀي غم ٽو“ ٺاهڻ ۾ لڳي ويو، تفصيل پڌرا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ناليواري فلمساز ۽ هدايتڪار ڪرن جوهر پنهنجي ايندڙ فلم ”ڪڀي خوشي ڪڀي غم 2“ ٺاهڻ جي تيارين ۾ رُڌل آهي.
پرڏيهي خبر اداري جي رپورٽ ۾ ذريعن جي حوالي سان ڄاڻايو ويو آهي ته ڪرن جوهر امڪاني فلم جي اسڪرپٽ کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي ۽ تمام جلد فلم جي ڪاسٽنگ وارو عمل شروع ڪيو ويندو.
ذريعن موجب، هي پروجيڪٽ ڪرن جوهر جي ڪيريئر جو هيل تائين جو سڀ کان وڏو پروجيڪٽ هوندو.
واضح رهي ته نئين فلم 2001ع ۾ رليز ٿيندڙ بلاڪ بسٽر ”ڪڀي خوشي ڪڀي غم“ ۾ اميتاڀ بچن، جيا بچن، شاهه رخ خان، ڪاجول، رتيڪ روشن ۽ ڪرينا ڪپور مُک ڪردار ادا ڪيا هئا ۽ فلم جي ڪهاڻي خانداني ۽ جذباتي ٿيم تي ٻڌل هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.