ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا هيما مالني ليجنڊري اداڪار سورڳواسي ڌرميندر جي پهرين گهرواري پرڪاش ڪور ۽ سندس پٽن سني ديول ۽ بوبي ديول سان مبينا اختلافن بابت گردش ڪندڙ خبرن تي وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته ڌرميندر جي ديهانت کانپوءِ سندس ٻئي گهرواريون، پرڪاش ڪور ۽ هيما مالني طرفان ڌار ڌار دعائيه تقريبون رکيون ويون، جنهن ٻنهي ڪٽنبن وچ ۾ اختلاف جي خبرن کي هوا ڏني هئي.
ان کان اڳ ڀارتي ليکڪ ۽ ڪالم نگار شوڀا ڊي به دعويٰ ڪئي هئي ته ڌرميندر جي لاڏاڻي کان پوءِ فيملي هيما مالنيءَ کي نظرانداز ڪيو.
اهڙين خبرن تي ردعمل ڏيندي هيما مالني ٽائمز آف انڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته” هي اسان جو گهرو ۽ ذاتي معاملو آهي، مون پنهنجي گهر دعائيه تقريب انڪري رکي جو منهنجو حلقو الڳ آهي.“
انٽرويو دوران هيما مالني ڌرميندر جي لونا والا فارم هائوس کي ميوزيم ٺاهڻ بابت ٻڌايو ته ان حوالي سان سني ديول پڻ اهڙي ئي خيال تي غور ڪري رهيو آهي.
اداڪارا خاندان ۾ اختلافن واريون خبرون رد ڪندي چيو ته ٻنهي خاندانن جا لاڳاپا خوشگوار آهن ۽ سمورا معاملا خير خوبيءَ سان طئي ٿي رهيا آهن.
واضح رهي ته ڌرميندر سال 1954ع ۾ پرڪاش ڪور سان شادي ڪئي هئي، جنهن مان کيس چئن ٻار سني ديول، بوبي ديول، وجيتا ۽ اجيتا ديول آهن.
ان کان پوءِ هن سال 1980 ۾ هيما مالني سان پسند جو پرڻو ڪيو، جڏهن ته سندس پهرين شادي پڻ برقرار رهي، هيما مالني مان ڌرميندر کي ٻن ڌيئرن ايشا ۽ اهانا ديول جو اولاد آهي.
هيمامالنيءَ جا ڌرميندر جي پهرين گهرواري ۽ سندس ٻارن سان اختلاف؟ اداڪارا جو بيان اچي ويو
You might also like