ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن لاءِ سريلنڪا جي راڄڌاني ڪولمبو پهچي وئي.
سريلنڪا جي دوري لاءِ پاڪستان ٽيم گروپن جي صورت ۾ سفر ڪيو، ڪولمبو پهچندڙ پهرئين گروپ ۾ آل رائونڊر شاداب خان، فهيم اشرف، وسيم جونيئر ۽ سلمان مرزا شامل هئا.
قومي ٽيم جو هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن، بالنگ ڪوچ ايشلي نوفڪي، فيلڊنگ ڪوچ ۽ سپورٽ اسٽاف جا ٻيا ميمبر به پهرئين گروپ جو حصو آهن.
پاڪستاني اسڪواڊ جا ٻيا رانديگر ۽ سپورٽ اسٽاف پنج جنوري جي ٽهپهريءَ جو لاهور کان ڪولمبو لاءِ روانا ٿيا.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ست جنوري، ٻي نوَ ۽ ٽِين ۽ آخري ميچ 11 جنوري تي شيڊيول آهي، ٽيئي ميچون دمبولا ۾ کيڏيون وينديون.
You might also like