لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي ضلعي عدالت شهرين جي ڊجيٽل حقن جي تحفظ لاءِ هڪ تاريخي فيصلو ٻڌائيندي پوليس جي اختيارن تي واضح قانوني حدبندي لاڳو ڪري ڇڏي.
پنهنجي لکت فيصلي ۾ ايڊيشنل سيشن جج لاهور شفقت راجا قرار ڏنو آهي ته پوليس ڪنهن به شهري جي موبائل فون، ان ۾ موجود ڊيٽا، پيغام، تصويرون يا سوشل ميڊيا مواد عدالت جي لکت اجازت بنا چيڪ نٿي ڪري سگهي.
عدالت فيصلي ۾ واضح ڪيو ته شهرين جي نجي زندگي جو تحفظ آئين جي آرٽيڪل 14 تحت بنيادي حق آهي، جڏهن ته اظهار جي آزادي ۽ ڄاڻ تائين پهچ جو حق آئين جي آرٽيڪل 19 ذريعي محفوظ ڪيو ويو آهي.
عدالتي فيصلي موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارا انهن آئيني حقن کي پامال ڪرڻ جا مجاز ناهن ۽ ڪنهن به شهري جي ڊجيٽل تلاشي رڳو قانوني طريقي ڪار تحت ئي ممڪن آهي.
ايڊيشنل سيشن جج پنهنجي حڪم ۾ چيو ته عدالتي اجازت بنا موبائل فون جي تلاشي غير قانوني سمجهي ويندي ۽ اهڙي ڪنهن به ڪارروائي ۾ ملوث آفيسرن خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.
You might also like