واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس جي گهر تي رات جي وقت اڻڄاتل ماڻهن حملو ڪري دريون ڀڃي ڇڏيون، جنهن کانپوءِ سيڪريٽ سروس ۽ مقامي پوليس فوري طور ڪارروائي ڪندي هڪ شخص کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.
سيڪريٽ سروس جا ايجنٽ واردات واري هنڌ پهتا ۽ هڪ شڪي شخص کي حراست ۾ ورتو پر اختيارين ان ڳالهه جي تصديق ناهي ڪئي ته ان شخص تي ڪو الزام لاڳو ڪيو ويو آهي يا نه.
هڪ حڪومتي اهلڪار ٻڌايو ته جي ڊي وينس ۽ سندس گهر ڀاتي حملي وقت گهر ۾ موجود نه هئا.
واضح رهي ته جي ڊي وينس وينزويلا ۾ ٿيندڙ آمريڪي فوجي ڪارروائي جي نگراني ڪئي ۽ ان کانپوءِ واپس آيو هو.
You might also like