پرڏيهه ۾ رهندڙ ايراني صحافين سميت ٻين ذريعن وٽان خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته آمريڪا ڪنهن به وقت ايران ۾ رجيم چينج آپريشن شروع ڪري سگهي ٿو.
مختلف ذريعا دعوائون ڪري رهيا آهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي قيادت ۾ آمريڪي اسٽيٽ کاتي نار سهڪار ڪائونسل جي اهم ملڪن، جن ۾ قطر ۽ عمان سان گڏوگڏ ترڪي به شامل آهي، کي سفارتي چئنلز جي ذريعي هڪ هنگامي ۽ غيرمعمولي پيغام موڪليو آهي، جنهن ۾ انهن ملڪن تي زور ڏنو ويو آهي ته هو ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي ۽ ساڻس لاڳاپيل اعليٰ قيادت تائين هڪ حتمي وارننگ پهچائين، يعني موجود حڪمران هٿيارڦٽا ڪن يا وري محفوظ رستي ذريعي اقتدار ڇڏڻ وارو آپشن قبول ڪن، ٻي صورت ۾ اهڙي انجام لاءِ تيار رهن جيڪو وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو جي حصي ۾ آيو.
هي پيغام اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن ايران ۾ احتجاجي مظاهرا ملڪ جي 40 شهر تائين پکڙي چڪا آهن، احتجاج ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي ۽ واشنگٽن واضح لفظن ۾ اِهو موقف ورجائي رهيو آهي ته هو ايراني عوام جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي، جئين ته صدر ٽرمپ ٻه ڏينهن اڳ پنهنجي تازي بيان ۾ چيو هو.
انهي اطلاع موجب، آمريڪا نه رڳو ڳجهي ڄاڻ کي ڊي ڪلاسيفاءِ ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي پر ايراني بيسج، پاسدرانِ انقلاب ۽ ان جي حامي گروهن جي اڳواڻن خلاف انعام رکڻ واري آپشن تي ڪم ٿي رهيو آهي جنهن تي مظاهرين کي دٻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جا الزام آهن.
ان ڏس ۾ برطانوي ميڊيا انٽيليجنس رپورٽ جو حوالو ڏيندي خبر ڏني آهي ته ايران ۾ بدترين احتجاجي صورتحال کانپوءِ آيت الله خامنه پنهنجي ڪٽنب سوڌو روس جي راڄڌاني ماسڪو منتقل ٿيڻ جي رٿابندي ڪري ورتي آهي ۽ ان حوالي سان ”پلان بي“ تيار ڪري ورتو آهي.
هواڏنهن ايران اندر اهي خدشا زور پڪڙي رهيا آهن ته فوج ۽ سيڪيورٽي فورس جا ڪجهه حلقا آيت الله خامنه اي ۽ موجود سسٽم سان وفاداري ختم ڪري، بغاوت جو رستو اختيار ڪري سگهن ٿا، جيتوڻيڪ سمورين دعوائن جي سرڪاري سطح تي تصديق نه ٿي سگهي آهي، پر خطي ۾ وڌندڙ غير يقيني واري صورتحال آمريڪي جارحاڻي بيانئي ۽ ايران جي اندروني حالتن مجموعي طور تي وچ اوڀر کي هڪ اهڙي خطرناڪ موڙ تي آڻي بيهاريو آهي جتي ڪنهن به غلط اندازي جا نتيجا پوري خطي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي سگهن ٿا.
” حڪومت ڇڏيو يا وينزويلا جي صدر جهڙي حشر لاءِ تيار رهو“، آمريڪا ايران تي حملي لاءِ تيار؟
You might also like