لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته پنجاب کي وڌيڪ پيسو ملڻ جو ڪوڙ ڳالهايو ويندو آهي، پيسو هر صوبي وٽ آهي، رڳو ڪم ڪرڻ جي نيت ۽ ارادي جي کوٽ آهي.
نيشنل ورڪشاپ بلوچستان جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته ماڻهو وڏ وزارت وٺي پروٽوڪول ۽ سياست تي ڌيان ڏيندا آهن، مان سمجهان ٿي ته سٺي گورننس کان بهتر ڪا سياست ناهي، سياست عوام جي خدمت ڪرڻ جو نالو آهي، توهان کي ڏٽي ۾ ناهي اچڻو ته ڪو صوبو ان ڪري مرحوم آهي ته ان وٽ پيسو ناهي.
هن چيو ته اسان جي دل جا دَر سڀني لاءِ کليل آهن، پنجاب جي اسپتالن ۾ ٻين صوبن جي مريضن جو علاج ٿي رهيو آهي، ٻين صوبن جا شاگرد به پنجاب جي تعليمي ادارن ۾ پڙهي رهيا آهن، مان صوبن ۾ فرق ناهيان ڪندي، ان سان ملڪ ڪمزور ٿيندو آهي.
سندس چوڻ هو ته پنجاب ۾ جيڪي اسڪيمون هلي رهيون آهن اهي منهنجي نه عوام جي پيسي سان هلي رهيون آهن، مان سڀ کان اڳ ۾ سفارش ۽ رشوت جو ڪلچر ختم ڪيو، حلف کڻي چئي سگهان ٿي ته هڪ به ماڻهو سفارش تي ناهي لڳايو، مان پاڻ ڏينهن ۾ 30-30 انٽرويو ڪندي آهيان.
Prev Post
You might also like