آمريڪا خلاف سڄي دنيا ۾ مظاهرا\وينزويلا ڪنهن به ملڪ جي ڪالوني نه بڻجندو\وينزويلا جي نائب صدر

ڪراڪس (م ڊ) وينزويلا جي نائب صدر ڊيلسي روڊريگز عدالتي حڪم تي صدارتي ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن. ان حوالي سان ٿيندڙ نيوز ڪانفرنس دوران ڊيلسي روڊريگز آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان سان اختلاف ڪندي صدر نيڪولس مادورو جي فوري آزادي جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته وينزويلا جو واحد قانوني صدر نيڪولس مادورو ئي آهي ۽ ملڪ ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن ٻئي ملڪ جي ڪالوني نه بڻجندو. ڊيلسي روڊريگز جو چوڻ هو ته وينزويلا پنهنجي خودمختياري، قومي سلامتي ۽ قدرتي وسيلن جي مڪمل دفاع لاءِ پرعزم آهي. هن وڌيڪ چيو ته عدالتي فيصلي تحت رياستي معاملن کي آئيني دائري ۾ هلائڻ کي يقيني بڻايو ويندو ۽ عوامي مفادن جو تحفظ ڪيو ويندو. نائب صدر قومي اتحاد ۽ استحڪام برقرار رکڻ لاءِ به عزم جو اظهار ڪيو. ان کان اڳ وينزويلا جي سپريم ڪورٽ صدر نڪولس مادورو جي گرفتاري کانپوءِ نائب صدر ڊيلسي روڊريگز کي ملڪ جو عبوري صدر مقرر ڪيو. عدالتي فيصلي موجب، ڊيلسي روڊريگز عبوري حيثيت ۾ صدر جا سڀ اختيار، فرض ۽ ذميواريون سنڀاليندي ته جيئن رياستي معاملن ۾ تسلسل ۽ قومي دفاع کي يقيني بڻائي سگهجي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته مادورو کي هن وقت تائين مستقل طور تي عهدي تان لٿل قرار ناهي ڏنو ويو، ڇو ته آئيني طور تي اهڙو فيصلو ٿيڻ جي صورت ۾ 30 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ لازمي هوندو آهي. ٻئي پاسي آمريڪي پرڏيهي وزير چيو آهي ته وينزويلا اسان جي مخالفن جو ڳڙهه بڻجي چڪو آهي،هوڏانهن ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي وينزويلا جي پرڏيهي وزير ايوان خيل پينتو سان فون تي رابطو ڪيو،عباس عراقچي آمريڪي فوجي ڪارروائي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته وينزويلا جي قانوني صدر۽ هن جي زال جو اغوا ”رياستي دهشتگردي“ ۽ ان ملڪ جي خودمختياري تي حملو آهي،ٻئي پاسي آمريڪي حملي کانپوءِ وينزويلا جا روڊ خالي آهن ٻئي پاسي شهري دڪانن ٻاهران راشن ۽ ٻين شين جي خريداري لاءِ هجوم جي صورت ۾ گڏ ٿيل آهن،ڪيترن ئي هنڌن تي حڪومت جا حامي صدر مادورو جي واپسي جو مطالبو ڪرڻ لاءِ احتجاج به ڪري رهيا آهن

نيو يارڪ (م ڊ) دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن وينزويلا خلاف آمريڪي فوجي ڪارروائي تي سخت رد عمل ظاهر ڪيو آهي. آمريڪي حملي جي خلاف يونان، روم،ڪيوبا، ارجنٽائن، ڪولمبيا، فرانس ۽ ٻين شهرن ۾ مظاهرا ۽ ريليون ڪڍيون ويون. آمريڪي شهر شڪاگو ۾ به هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا،مظاهرين جي هٿن ۾ بئنر هئا جن تي ”وينزويلا جي تيل لاءِ جنگ نامنظور“ جا نعرا لکيل هئا،ٽرمپ کي هاڻي گهر هليو وڃڻ گهرجي، مظاهرين بينر کڻي چيو ته وينزويلا خلاف جارحيت قبول ناهي، اهو عالمي امن لاءِ خطرو آهي. روس، چين، ايران، اسپين ۽ اٽلي جي حڪومتن پڻ آمريڪي ڪارروائي جي سخت مذمت ڪئي ۽ ان کي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو. انهن ملڪن زور ڏنو ته وينزويلا جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جو احترام ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.