چين پاران نڪولس مادورو ۽ زال کي جلد آزاد ڪرڻ جو مطالبو

بيجنگ (م ڊ) چين آمريڪا کان مطالبو ڪيو آهي ته وينزويلا جي صدر نيڪولس مادورو ۽ سندس زال کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ۽ وينزويلا جي حڪومت کي غير مستحڪم ڪرڻ جون ڪوششون بند ڪيون وڃن. چيني پرڏيهي وزارت هڪ بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا جو وينزويلا تي حملو بين الاقوامي قانونن جي کليل ڀڃڪڙي آهي ۽ طاقت جي زور تي صدر ۽ سندس زال کي گرفتار ڪري ملڪ کان ٻاهر کڻي وڃڻ انتهائي ڳڻتي جوڳي عمل آهي. بيان ۾ زور ڏنو ويو ته مسئلو ڳالهين ذريعي حل ڪيو وڃي. روس، ڪولمبيا ۽ ڪيوبا پڻ آمريڪي حملي جي مذمت ڪئي آهي، جڏهن ته ايران سلامتي ڪائونسل کان فوري ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. چلي جي صدر گيبريل بورڪ خبردار ڪيو ته اڄ وينزويلا آهي، سڀاڻي ڪو ٻيو ملڪ ٿي سگهي ٿو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس به آمريڪي ڪارروائي تي سخت تشويش جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.