آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بڇ تي آمريڪا جي آرمي وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو ۽ سندس گھرواريءَ کي عالمي قانون، اخلاقي معيارن ، سرحدي حدبندين جي خلاف ورزي ڪندي سندن جي ملڪ وينزويلا مان ڏوهارين جيان کنڀي کڻي ويا، جيئن هتي ڪاري شيشن واري ويگو گاڏين وارا يا چوڌرين ، وڏيرن ، سردارن جي بڇ تي سندن ماڻهو ڪنهن کي کنڀي کڻي ويندا آهن . ھڪ آزاد ملڪ وينزويلا جي صدر ۽ سندس گھرواريءَ کي ڏوھارين جيان کنڀڻ، فلسطين، لبيا، شام، عراق جي صورتحال توڙي آمريڪا پاران ايران ۾ اھڙي ڪارروائي ڪرڻ جي ڌمڪي توڙي ھندستاني وزيراعظم نريندر مودي پاڪستان ۾ اھڙي قسم جي ڪارروائي ڪرڻ واري بيان کانپوءِ ڪري ڪجھه ماڻهو ٽئين عالمي جنگ جون اڳڪٿيون پڻ ڪرڻ لڳا آھن.
وينزويلا واقعي توڙي فلسطين، شام، لبيا، عراق سميت عالمي سياسي صورتحال جا اثر سموري دنيا تي ڪجھه نه ڪجهه ته ضرور پوندا ، ان سڄيءَ وٺ سٺ کانپوءِ ”مامي موجل ۽ چاچي ڌڻي بشڪ“ وارا ڪھڙي پاسي بيھندا ؟ پاڻ کي دنيا سان گڏ بدلائيندا يا ساڳي ڪار، ساڳيو وھنوار جاري رھندو ؟ ماضي ۾ ھڪٻئي جون ڪٽر سياسي مخالف پارٽيون پيپلز پارٽيءَ ۽ نواز ليگ ھٿ جي آڱرين جيان گڏ ٿي ويون آهن نواز شريف ھجي يا شهباز شريف جيڪي محترمه بينظير ڀٽو توڙي سندس ور آصف علي زرداريءَ لاءِ تمام سخت زبان ڳالهائيندا هئا هاڻ ”کير کنڊ“ بڻيل آهن، ھوڏانھن ملڪ جي وڏين پارٽين مان پاڪستان تحريڪ انصاف جو سربراهه ۽ اڳوڻو وزير اعظم عمران خان جيڪو سالن کان جيل جي سيخن پٺيان آھي تنھن جي آزاديءَ متعلق نجم سيٺي جي جهرڪي جي ٻولن سميت مختلف ذريعن ذريعي ميڊيا تي خبرون/ افواھ ۽ اڳڪٿيون پڻ گردش ۾ آهن. چوندا آهن جڏھن دونھون ڏسبو آهي ته ڪٿي نه ڪٿي ضرور باھ لڳل ھوندي آھي، ايئن عمران خان کي مائنس ڪرڻ واري ڪوششن جي ناڪاميءَ يا مائنس ون ڪرڻ جي رڳو ڌهمان کانپوءِ صورتحال بدلجندي ساڳيا ئي حلقا کيس ڪنھن نه ڪنھن بھاني، طريقي سان ھيرو ڪري وري ميدان تي آڻيندا، کڻي جو کيس ھڪدم اقتدار جي منچ تي نه به ويھارين پر ميدان تي لاھڻ /آڻڻ به وڏي ڳالھه آهي. جيئن چوندا آهن ته ڪرڪيٽ باءِ چانس آھي پر پاڪستان جي سياست مھل ، بي مھل جي ڦير گھير ته ڪرڪيٽ باءِ چانس واري ٿيوري کي به پوئتي ڪري ڇڏيو آھي جھڙي مھل ڌڻين جي مرضي ۽ موڊ ٿيو ھڪڙي کي ڪن کان وٺي لاھي ٻئي کي صدري، شيرواني پارائي تخت تي ويھاري ڇڏين ٿا ته جي موڊ ڦريو ته تخت تي ويٺل کي تختي تي لٽڪايو ڇڏين
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پرڏيهي وزارت کان ويندي وزير اعظم بڻيو، وزيرعظم، صدر بڻائڻ کان پوءِ ساڳين سنگتين کيس اقتدار جي تختي کان لاهي جڙتو ڪيس ۾ جيل ڀيڙو ڪري تختي دار تي چاڙهي ڇڏيو.ان ۾ به چون ٿا آمريڪا بھادر جو هٿ هو.
خير ماضي کي ڇڏي موجوده ۽ مستقل ڏي ڏسجي ته دنيا مٽجندي نظر اچي ٿي ۽ باھ جي سيڪ جيان عالمي سياست جو سيڪ پنھنجي ملڪ پاڪستان ۾ پڻ لڳندو۔ ٿي سگھي ٿو مستقبل ۾ ھاڻوڪا حڪمران نه ھجن نيون پارٽيون نوان چھرا ھجن پر ويجھي مستقبل ۾ عمران خان جو سياست ۾ سرگرم ڪردار نظر اچي پيو، آصف زرداري کڻي جسماني طور نه به ھوندو، پر پيپلز پارٽي ڪنھن نه ڪنھن شڪل ۾ موجود ھوندي توڙي جو سندس سائيز گھٽائي ويندي، نواز ليگ اڳين مسلم ليگن جيان کڻي ميسارجي نه به وڃي پر ڪنهن نئين نالي سان سندن باقيات باقي هوندي ۽ ڇا ھتي به رجيم چينج ٿيندي ؟ ڇو ته آمريڪا ايران ۾ رجيم چينج ڪرڻ جون ڳالھيون پيو ڪري ۽ تجزيه نگارن جي تجزين موجب ايران کانپوءِ پاڪستان جو وارو به اچي سگھي ٿو ڇو ته آمريڪا جي تاريخ رھي آھي ته آمريڪا ڪنھن جو دوست ناھي بس وقت جو يار آهي.