سانگهڙ ضلعو، جيڪو هميشه کان جاگيرداراڻي سياست، روايتي اثر رسوخ ۽ طاقت جي سياست لاءِ سڃاتو ويندو رهيو آهي، اتي جيڪڏهن تازن سالن ۾ ڪنهن نئين سياسي سوچ جنم ورتو آهي ته اُن جو اهم نالو شازيه عطا مري آهي. ٻيراني شهر ۾ رئيس عطا محمد مري جي گهر اک کوليندڙ شازيه مري سياست کي ورثي طور ضرور حاصل ڪيو، پر هن ان ورثي کي عوامي خدمت، سماجي ڀلائي ۽ ترقياتي سوچ سان نئون رخ ڏنو. شازيه عطا مري جي سياست جي شروعات ئي عوامي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ سان ٿي. هن اهو ثابت ڪيو ته سياست صرف اقتدار حاصل ڪرڻ جو ذريعو نه، پر عوام جي مسئلن جي حل جو نالو آهي. تعليم، صحت، صاف پاڻي، روڊ رستن جي بهتري، بجلي ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي فراهمي سندس ترجيحن ۾ شامل رهي آهي. خاص طور ڳوٺاڻن علائقن ۾ جتي سالن کان بنيادي سهولتن جي کوٽ هئي، اتي عملي ڪم نظر اچڻ لڳو.
ضلعي جي مختلف تعلقن ۾ اسڪولن جي بحالي، استادن جي کوٽ کي اجاگر ڪرڻ، صحت مرڪزن ۾ سهولتون مهيا ڪرڻ ۽ عورتن لاءِ الڳ سهولتون قائم ڪرڻ جهڙا قدم شازيه مري جي عوام دوست سياست جو ثبوت آهن. هن صرف فائلن ۽ ڪاغذن تائين ڪم محدود نه رکيو، پر پاڻ ميدان ۾ نڪري ماڻهن سان رابطو ڪيو، سندن مسئلا ٻڌا ۽ لاڳاپيل ادارن تائين پهچايا. شازيه عطا مري جي سياست جو هڪ اهم پاسو عورتن کي بااختيار بڻائڻ آهي. سانگهڙ جهڙي روايتي سماج ۾ عورتن جو سياسي ۽ سماجي ڪردار محدود رهيو آهي، پر شازيه مري عورتن کي اعتماد ڏياريو ته هو سماج ۾ پنهنجو آواز بلند ڪن. هن عورتن لاءِ روزگار جا موقعا، تعليم ۾ سهولت ۽ قانوني آگاهيءَ تي به زور ڏنو، جنهن سان عورتن ۾ سياسي شعور وڌيو.
نوجوانن کي اڳتي آڻڻ پڻ شازيه عطا مري جي سياست جو اهم حصو رهيو آهي. نوجوان، جيڪي اڳ سياست کان مايوس نظر ايندا هئا، اڄ ترقي، روزگار ۽ تبديليءَ جي اميد سان سياسي عمل ۾ شامل ٿي رهيا آهن. شازيه مري نوجوانن کي صرف جلسن تائين محدود نه رکيو، پر کين فيصلا سازيءَ ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
سانگهڙ ضلعي جي سياست ۾ اڳ ترقياتي ڪم گهڻو ڪري نعريبازي تائين محدود هوندا هئا، پر شازيه عطا مري جي ڪوششن سان ڪيترائي منصوبا عملي شڪل اختيار ڪري چڪا آهن. روڊن جي تعمير، پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جا منصوبا، صحت مرڪزن جي اپگريڊ ۽ تعليم جي شعبي ۾ بهتري ضلعي جي ترقيءَ جو واضح ثبوت آهن.
سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته شازيه عطا مري روايتي سياست کان هٽي ڪري خدمتن جي سياست کي هٿي ڏني آهي، جنهن سبب عوام ۾ سندس مقبوليت وڌي آهي. ماڻهو هاڻي رڳو نعرا نه، پر عملي ڪم ڏسڻ چاهين ٿا، ۽ شازيه مري ان تقاضا کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. جيڪڏهن سانگهڙ ضلعي ۾ سياسي تبديليءَ جو ذڪر ڪيو وڃي ته شازيه عطا مري جو نالو نمايان نظر اچي ٿو. سندس سياست عوامي خدمت، خلوص ۽ عملي قدمن تي ٻڌل آهي، جيڪا ضلعي جي سياسي تاريخ ۾ هڪ نئون باب ثابت ٿي رهي آهي. جيڪڏهن اهڙي سياست جو سلسلو جاري رهيو ته مستقبل ۾ سانگهڙ ضلعي ۾ مثبت تبديلي جا وڌيڪ امڪان روشن نظر اچن ٿا.
نوجوان، جيڪي اڳ سياست کان مايوس نظر ايندا هئا، اڄ ترقي، روزگار ۽ تبديليءَ جي اميد سان سياسي عمل ۾ شامل ٿي رهيا آهن. شازيه مري نوجوانن کي صرف جلسن تائين محدود نه رکيو، پر کين فيصلا سازيءَ ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.سانگهڙ ضلعي جي سياست ۾ اڳ ترقياتي ڪم گهڻو ڪري نعريبازي تائين محدود هوندا هئا، پر شازيه عطا مري جي ڪوششن سان ڪيترائي منصوبا عملي شڪل اختيار ڪري چڪا آهن. روڊن جي تعمير، پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جا منصوبا، صحت مرڪزن جي اپگريڊ ۽ تعليم جي شعبي ۾ بهتري ضلعي جي ترقيءَ جو واضح ثبوت آهن.