چين جو آمريڪا کان وينزويلا جي صدر جي فوري طور آزادي جو مطالبو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين آمريڪا کان وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو ۽ سندس گهرواري جي فوري طور آزادي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
چيني پرڏيهي وزارت موجب مادورو ۽ سندس گهرواري جي گرفتاري عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي ۽ ان قدم تي چين کي سخت ڳڻتي آهي.
چيني پرڏيهي وزارت زور ڏنو ته آمريڪا وينزويلا کي غير مستحڪم ڪرڻ جون ڪوششون بند ڪري، مادورو ۽ سندس گهرواري جي ذاتي سلامتي کي يقيني بڻائي وڃي ۽ کين فوري طور آزاد ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.