بنگلاديش طرفان ٽيم ڀارت نه موڪلڻ جي اعلان تي شاهد آفريدي جو اهم بيان سامهون اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ طرفان پنهنجي ٽيم ڀارت نه موڪلڻ جي فيصلي جي حمايت ڪري ڇڏي.
هڪ بيان ۾ شاهد آفريدي چيو ته آءِ سي سي جو ڀارت جي حق ۾ جهڪاءُ واضح طور نظر اچي ٿو، توڙي جو اهو ادارو هڪ ملڪ لاءِ نه پر سڀني ميمبر ملڪن لاءِ ٺاهيو ويو آهي، آءِ سي سي انڊين ڪرڪيٽ ڪائونسل نه پر عالمي ڪرڪيٽ ڪائونسل آهي.
هن چيو ته بنگلاديش جو پنهنجي ٽيم ڀارت نه موڪلڻ جو فيصلو درست آهي ۽ جواز رکي ٿو، هاڻ آءِ سي سي تي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهو بنگلاديش جون ميچون ٻئي هنڌ منتقل ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.