پاڪستان ۾ پهرين رمضان المبارڪ ۽ عيدالفطر ڪڏهن ٿيندي؟ فلڪياتي ماهرن ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فلڪياتي ماهرن پاڪستان ۾ پهرين رمضان المبارڪ، عيدالفطر ۽ عيدالاضحيٰ جي امڪاني تاريخن جي حوالي سان اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
فلڪياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته رمضان جو چنڊ 18 فيبروري تي نظر اچي سگهي ٿو ۽ پهرين رمضان 19 فيبروري تي ٿيڻ جو چٽو امڪان آهي.
ماهرن موجب شوال جو چنڊ 20 مارچ تي نظر اچڻ جو امڪان آهي، جنهن جي نتيجي ۾ عيدالفطر 21 مارچ تي ٿي سگهي ٿي.
فلڪياتي ماهرن عيدالاضحيٰ جي حوالي سان به اڳڪٿي ڪئي، هنن چيو ته پهرين ذوالحج 17 مئي تي ۽ عيدالاضحيٰ 27 مئي تي ٿيڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.