گجرن جو حلوو رڳو ذائقيدار ناهي پر صحت کي ڪيترائي فائدا به پهچائي ٿو

سياري جي مند ۾ گھڻا ماڻهو گجرن جو حلوو کائڻ پسند ڪندا آهن ۽ گھڻيون دعوتون به ان کانسواءِ اڻپوريون سمجهيون وينديون آهن.
سياري جي مند ۾ ان سوغات جي تياري لاءِ گجرن سان گڏوگڏ کنڊ، کير، مائي ۽ خشڪ ميون جو استعمال ٿيندو آهي.
پر ڇا ان کي کائڻ سان صحت کي ڪو فائدو ٿيندو آهي؟
ان جو جواب سادو ناهي پر ان جو دارومدار ان ڳالهه تي هوندو آهي ته توهان گجرن جو حلوو ڪيترو کائيندا آهيو.
کنڊ ۽ سڻڀ جي ڪري گجرن جو حلوو روز کائڻ جي عادت ته نقصانڪار ثابت ٿي سگھي ٿي پر هفتي ۾ هڪ يا ٻه ڀيرا مناسب مقدار ۾ ان کي کائڻ سان صحت کي فائدو ٿيندو آهي.
ان جا ڪجهه فائدا هيٺ بيان ڪجن ٿا:
اکين لاءِ فائديمند
ان حلوي جو بنيادي جز گجر آهي، تڏهن ئي ان کي گجرن جو حلوو چيو ويندو آهي.
گجرن ۾ بيٽا ڪيروٽين جو مقدار تمام گھڻو هوندو آهي، جيڪو جسم ۾ وڃي وٽامن اي جي شڪل اختيار ڪري وٺندو آهي.
اکين جي نور لاءِ اها وٽامن گھڻي اهم هوندي آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو گجرن جو حلوو کائڻ سان نظر کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي.
مدافعتي نظام مضبوط ٿيندو آهي
گجر سياري جي موسم جي ڀاڄي آهي ۽ ان کي کائڻ سان ٿڌي موسم ۾ مدافعتي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي آهي.
ان ۾ موجود وٽامن سي مدافعتي نظام کي مضبوط بڻائيندي آهي، جنهن سان موسمي بيمارين کان تحفظ ملندو آهي.
ان سان گڏوگڏ گجر جي حلوي ۾ موجود خشڪ ميون ۽ گيهه سان به مدافعتي نظام کي فائدو ٿيندو آهي.
غذائيت سان ڀرپور
ان حلوي ۾ گجرن سان گڏ کير،گيهه ۽ خشڪ ميون جهڙا جُز موجود هوندا آهن، اهي سڀ صحت لاءِ فائديمند آهن ۽ انهن سان جسم کي فائديمند جُز ملندا آهن، مثال طور کير ۾ پروٽين، وٽامنز، ڪيلشيم ۽ ميگنيشيم جهڙا جُز هوندا آهن.
خشڪ ميون ۾ اينٽي آڪسائيڊنٽس، پروٽين ۽ صحت لاءِ فائديمند سڻڀ هوندو آهي.
گجر ۾ وٽامن اي، سي ۽ ڪي سان گڏوگڏ فائبر به هوندو آهي، جنهن سان هاضمي جو نظام به بهتر ٿيندو آهي.
جلد ۽ هڏن لاءِ فائديمند
گجر ۾ موجود وٽامن اي ۽ سي جي ڪري ان حلوي کي کائڻ سان جلد کي به فائدو ٿيندو آهي.
ان سان گڏوگڏ کير ۾ موجود ڪيلشيم سان هڏن جي صحت کي فائدو ٿيندو آهي ۽ هڏا مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي آهي.
ٿڌ جي اثر کان تحفظ
ان حلوي کي ڪجهه ماڻهو گرم کائڻ پسند ڪندا آهن، جڏهن ته ڪجهه ٿڌي حلوي جا شوقين هوندا آهن.
توهان جي پسند جيڪا به هجي پر ان کي کائڻ سان ٿڌ کان به ڪنهن حد تائين تحفظ ملندو آهي.
ماهرن موجب ان حلوي ۾ موجود گيهه اهڙو سپر فوڊ آهي، جيڪو جسم کي گرم رکڻ ۾ مدد فراهم ڪندو آهي ۽ سيءَ جو احساس گھٽ ٿيندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.