سڊني ٽيسٽ: تڪڙي وڪيٽون ڪِرڻ کانپوءِ روٽ ۽ بروڪ ٽيم کي سنڀالي ورتو

سڊني (ويب ڊيسڪ) ايشز سيريز جي پنجين ۽ آخري ٽيسٽ جي پهرئين ڏينهن انگلينڊ آسٽريليا خلاف 3 وڪيٽن جي نقصان تي 211 رنسون ٺاهي ورتيون.
سڊني ۾ انگلينڊ ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، اوپنرن ٽيم کي 35 رنسن جي شروعات فراهم ڪئي پر بين ڊڪٽ جي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ لائن لڳي وئي ۽ 57 تي انگلينڊ جا 3 رانديگر پويلين موٽي ويا.
بين ڊڪٽ 27، زيڪ ڪراولي 16 ۽ جيڪب بيٿل 10 رنسون ٺاهي سگهيو، آسٽريليا طرفان مچل اسٽارڪ، مائيڪل نيسر ۽ اسڪاٽ بولينڊ هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
ان موقعي تي تجربي ڪار بيٽر جو روٽ ۽ هيري بروڪ ٽيم کي سهارو ڏيندي چوٿين وڪيٽ لاءِ 154 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي.
خراب موسم ۽ برسات سبب چانهه جو وقفو اڳ ۾ ڪيو ويو پر برسات نه بيهڻ سبب وڌيڪ راند ممڪن نه ٿي سگهي.
انگلينڊ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 211 رنسون ٺاهي ورتيون، روٽ 72 ۽ بروڪ 78 رنسن سان ڪريز تي موجود رهيا.
واضح رهي ته آسٽريلوي ٽيم سيريز اڳ ئي 1-3 تان پنهنجي نالي ڪري چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.