بنگلاديش طرفان ورلڊ ڪپ لاءِ پنهنجي ٽيم موڪلڻ کان انڪار تي ڀارتي بورڊ جو ردعمل اچي ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش طرفان ورلڊ ڪپ جون ميچون ڀارت ۾ کيڏڻ کان انڪار تي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جو ردعمل سامهون اچي ويو.
ڀارتي انتهاپسندن جي دٻاءَ ۾ اچي آءِ پي ايل مان بنگلاديشي فاسٽ بالر مستفيض الرحمان کي رليز ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي بورڊن ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي.
بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ پنهنجي ٽيم ڀارت نه موڪلڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ان فيصلي کان آءِ سي سي کي باضابطا طور آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ بنگلاديش بورڊ انتظار ڪري رهيو آهي ته آءِ سي سي صورتحال کي سمجهندي جلد ان معاملي تي جواب ڏيندو.
بي سي سي آءِ ذريعن موجب ورلڊ ڪپ ۾ رڳو هڪ مهينو بچيو آهي، جنهن سبب ميچن جو هنڌ تبديل ڪرڻ تقريبن ناممڪن آهي، ڪنهن جي خواهش تي ميچون تبديل نه ٿيون ٿي سگهن، اهو لاجسٽڪ طور تمام ڏکيو آهي.
بي سي سي آءِ ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيمن جون هوائي ٽڪيٽون ۽ هوٽل بڪ ٿي چڪا آهن، براڊ ڪاسٽ عملو به موجود آهي، تنهن ڪري اهو چوڻ ته آسان آهي پر ڪرڻ ڏکيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.