ڪراچي يونيورسٽي ٻاهران غير اخلاقي حرڪت ڪندڙ جوابدار سوگهو، عورتن کي هراسان ڪندڙن لاءِ ڪا رعايت ناهي: وڏو وزير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ٻارڙين ۽ عورتن کي هراسان ڪندڙن لاءِ ڪا رعايت ناهي.
مراد علي شاهه ڪراچي يونيورسٽي ٻاهران پيش آيل واقعي کانپوءِ پوليس ڪارروائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
هن چيو ته عورتن جي تحفظ تي ڪا سوديبازي نه ڪئي ويندي، هراسان ڪندڙن لاءِ ڪا رعايت ناهي، تعليمي ادارن ۾ شاگردياڻين جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو.
سندس چوڻ هو ته وائرل وڊيو ڪيس ۾ جوابدار جي گرفتاري سٺو سنئوڻ آهي، سنڌ پوليس فوري طور ڪارروائي ڪري قانون جي بالادستي قائم ڪئي.
واضح رهي ته ان کان اڳ پوليس ڪارروائي ڪندي ڪراچي يونيورسٽي جي گيٽ اڳيان گاڏي ۾ غير اخلاقي حرڪت ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو.
پوليس ٻڌايو ته جوابدار جي سڃاڻپ محيءُ الدين علي جي نالي سان ٿي آهي، سندس خلاف مبينا ٽائون ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.