مستفيض کي آءِ پي ايل مان ڪڍڻ وارو مامرو، بنگلاديشي ٽيم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کيڏڻ ڀارت نه ويندي؟

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) فاسٽ بولر مستفيض الرحمان کي هندو انتهاپسندن جي ڌمڪين کانپوءِ انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) مان نيڪالي ڏيڻ (ريليز ڪرڻ) واري معاملي تي بنگلاديش ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت ۾ شيڊيول ٿيل پنهنجون ميچون سريلنڪا منتقل ڪرائڻ بابت سوچڻ لڳو.
بنگلاديشي ميڊيا موجب، بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي بي) مستفيض الرحمان واري معاملي تي ترت صلاح مشوري جو فيصلو ڪيو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب،هنگامي مشاورت ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ طرفان مستفيض الرحمان کي آءِ پي ايل مان ڪڍڻ واري معاملي جو جائزو ورتو ويندو.
بي سي بي صدر امين الاسلام جو چوڻ آهي ته بورڊ اجلاس فوري طور سڏائڻ ممڪن ناهي، پر مشاورت جاري آهي، صلاح مشوري جو مقصد صورتحال جو جائزو وٺڻ آهي.
هن چيو ته پهرين ترجيح ڪرڪيٽرن جي حفاظت ۽ سيڪيورٽي آهي، مشاورت ذريعي اصل حقيقتون سامهون اينديون، لاڳاپيل کاتن سان به مشاورت جو عمل جاري آهي.
بنگلاديشي ميڊيا موجب، بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ سيڪيورٽي خاطري بابت آءِ سي سي سان رابطو ڪندو، سيڪيورٽي تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪئي ويندي، بنگلاديش پنهنجون ميچون سريلنڪا ۾ کيڏڻ وارو آپشن به رکندو.
ياد رهي ته آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 7 فيبروري کان ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ شيڊيول آهي، گروپ سي ۾ شامل بنگلاديش جون چار ۾ ٽي ميچون ڪولڪتا ۽ هڪ ميچ ممبئي ۾ رٿيل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.