ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪار فهد مصطفيٰ ۽ مشهور اداڪارا ماهرا خان جي فلم ”آگ لگي بستي مين“ جو ٽيزر رليز ڪيو ويو آهي.
فلم جو ٽيزر رليز ٿيندي ئي مقبول ٿي ويو، فلم ۾ جاويد شيخ، تابش هاشمي ۽ ٻين به فن جو مظاهرو ڪيو آهي.
فلم جي هدايتڪاري بلال عاطف خان ڏني آهي ۽ ڪهاڻي به ان ئي لکي آهي.
فلم ”آگ لگي بستي مين“ هلندڙ سال عيدالفطر جي موقعي تي رليز ڪئي ويندي.
You might also like