ڏوهاري پيا ڳوليون: دائو جهانپور ويجهو پوليس طرفان ڳوٺ کي ڪڙو

دائوجهانپور (رپورٽ: سيد پنھل شاھ) دائوجهانپور ويجهو محمدپور ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ڳوٺ گلاب ملغاڻي تي ڏُوهارين جي موجودگي واري اطلاع تي ڳوٺ مٿان ڪڙو چاڙھي سرچ آپريشن ڪيو، پوليس ڏُوهارين ٺڪاڻن مٿان ڊرون حملا ڪيا، ڊرون حملن سبب علائقي سميت ڳوٺ ۾ موجود عورتن ۽ ٻارڙن ۾ ڪيھاٽ پئجي ويا، ٻڌايو ويو ته 20 کان وڌيڪ پوليس موبائل گاڏين تي سوار پوليس اٽالن ڳوٺ کي مڪمل طور ڪڙو چاڙهي ڇڏيوم پوليس ۽ ڳوٺاڻن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ به ٿي، رابطو ڪرڻ تي محمدپور پوليس ٻڌايو ته ڏُوهارين جي موجودگي واري اطلاع تي سرچ آپريشن ڪيو آهي، ڏُوهارين پوليس مٿان فائرنگ ڪئي آھي ڏُوهارين مٿان ڊرون حملا به ڪيا ويا آھن ڏُوهارين جي گرفتاري تائين آپريشن جاري رهندو، ٻئي پاسي ڳوٺ جي چڱي مڙس برڪت ملغاڻي ٻڌايو ته پوليس بناجواز اسان جي ڳوٺ مٿان چڙهائي ڪري گھرن مٿان فائرنگ ڪئي آھي ۽ ڊرون حملا به ڪيا پيا وڃن، اسان جو ڪنهن  به ڏُوهاري سان ڪوبه واسطو ناهي قبيلائي جھيڙا آھن اسين ڏُوهاري ناهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.