ڪراچي ۾ پي آءِ اي ۽ اسٽيل مل جي نجڪاري خلاف سوين پورهيتن جو احتجاج

ڪراچي (رپورٽ: عرفان بلوچ) ڪراچي پريس ڪلب سامهون مختلف پورهيت اتحادن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، پيپلز ليبر بيورو، ڊاڪ ليبر بورڊ، پاڪستان اسٽيل مل يونين، اين ٽي ايف يو،ايڇ بي ڊبليو ڊبليو ايف ۽ پاڪستان اسٽيل مل يونين پاران پي آءِ اي ۽ اسٽيل مل جي نجڪاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاجي مظاهري ۾ حبيب الدين جنيدي، هدايتﷲ، اسلم سمون، حسين بادشاھ، ناصر منصور ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي، احتجاجي مظاهري ۾ مختلف يونين جي ورڪرن جي وڏي تعداد شرڪت  ڪئي، اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسٽيل مل جي نجڪاري نه ڪئي وڃي اسٽيل مل کي هلايو وڃي، هنن جو چوڻ هو ته پي آءِ اي جي نجڪاري ڪئي وئي، بينڪن جي نجڪاري ڪئي وئي اهڙي قدمن کي اسان چيلينج سمجهون ٿا، اڳواڻن جو چوڻ هو ته ائين ادارن جي نجڪارين تي مزدور خاموش نه ويهندا، نجڪارين جا فيصلا پورهيت ۽ ورڪرن جو معاشي قتل آهي انهن کي بند ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.