18 سالن کان گهٽ عمر جي شادي تي بندش قرآن ۽ سنت خلاف آهي:حافظ حمدالله

هنگو(م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ حافظ حمدالله جو چوڻ آهي ته 18 سالن کان گهٽ عمر جي شادي تي پابندي قرآن ۽  سنت جي خلاف آهي. هنگو ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ حافظ حمدالله چيو ته 27 هين آئيني ترميم سان 73 هين آئين کي دفن ڪيو ويو آهي. هن چيو ته 18 سالن کان گهٽ عمر جي شادي تي پابندي قرآن ۽ سنت جي خلاف آهي، مذهبي اسڪولن ۽ سود جي نظام کي ختم ڪرڻ جو قانون لاڳو نه ٿي سگهيو. حافظ حمدالله چيو ته گهريلو تشدد خلاف پاس ڪيل قانون به قرآن ۽ سنت جي خلاف آهي. ان کان علاوه هن چيو ته قومي ايئر لائن جي نجڪاري کان وڏي معاشي ناڪامي ڇا آهي، پاڪستان به 80 ارب ڊالرن جو قرضي آهي، ڇا توهان ان جي به نجڪاري ڪندا؟ .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.