استنبول ۾ فلسطين جي حق ۾ تاريخ ساز عوامي احتجاج،5 لک کان وڌيڪ ماڻهو شريڪ

استنبول(عوامي آواز رپورٽ)نئين سال جي پهرين صبح استنبول هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا کي اهو پيغام ڏنو ته فلسطين رڳو هڪ علائقائي مسئلو ناهي، بلڪه ترڪ عوام جي اجتماعي ضمير جو حصو آهي۔سخت سرد موسم جي باوجود، پنج لک ويهه هزار کان وڌيڪ ماڻهو غزا ۾ اسرائيلي حملن ۽ انساني الميي خلاف روڊن تي نڪري آيا، جنهن استنبول کي تازن سالن جو فلسطين جي حق ۾ سڀ کان وڏو  عوامي احتجاج جو مرڪز بڻائي ڇڏيو۔هي احتجاج “اسان دبجڻ وارا ناهيون، اسان خاموش ناهيون، اسان فلسطين کي نه وسارينداسين” جي عنوان سان منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ 400 کان وڌيڪ سول سوسائٽي تنظيمون، ٽريڊ يونينون، سماجي پليٽ فارمز ۽ راندين جا ڪلب شامل هئا۔ مظاهري جي اڳواڻي ترڪيه گينچلي وقف (TÜGVA) ڪئي، جڏهن ته ملي اراده پليٽ فارم ۽ انسانيت اتحاد ان جا سرپرست هئا۔مسجدن ۾ نمازِ فجر کان وٺي گلاتا پل تائين انساني قطارون نظر آيون۔ مظاهري جي شروعات استنبول جي تاريخي مساجد ۾ ادا ڪيل نمازِ فجر سان ٿي۔ آيا صوفيه ڪبير جامع مسجد، سلطان احمد، سليمانيه، فاتح، امين اونو، يني جامع ۽ تقسيم سميت شهر جي مختلف علائقن مان هزارين ماڻهن نماز کان پوءِ فلسطين جي حق ۾ مارچ شروع ڪيو۔آيا صوفيه جي صحن مان نڪرندڙ قافلا، سليمانيه جي ڏاڪڻين تان لهندڙ جلوس ۽ امين اونو مان اڀرندڙ انساني قطارون آخرڪار گلاتا پل تي گڏ ٿي ويون، جتي استنبول انساني سمنڊ جو منظر پيش ڪرڻ لڳو۔مظاهرين جي هٿن ۾ ترڪيه ۽ فلسطين جا جهنڊا هئا ۽ عوام غزا جي حق ۾ نعرا هڻي رهيا هئا، جڏهن ته سمنڊ ۾ ٻيڙين تي سوار مظاهرين مشعلون روشن ڪري ترڪ ۽ فلسطيني جهنڊا لهرائي احتجاج کي علامتي وسعت ڏني۔ مظاهري ۾ ترڪيه جي سياسي، ديني ۽ سماجي قيادت پڻ عوام سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي شرڪت ڪئي،آق پارٽي استنبول جي صدر عبدالله اوزدمير، علم يايما وقف جي چيئرمين بلال اردوان، ڪيترن ئي پارليامينٽ ميمبرن، بلدياتي سربراهن ۽ ٻين اهم شخصيتن قارا قوئي عرب مسجد ۾ فجر ادا ڪرڻ کان پوءِ مظاهرين سان گڏ گلاتا پل تائين مارچ ڪيو۔مظاهري کي خطاب ڪندي، علم يايما وقف جي چيئرمين ۽ TÜGVA جي اعليٰ مشاورتي بورڊ جي ميمبر بلال اردوان چيو ته غزا ۾ جاري صورتحال رڳو هڪ انساني الميو ناهي، بلڪه عالمي نظام جي اخلاقي ڏيوالپڻي جو ثبوت آهي۔ هن چيو ته غزا ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو ڪنهن به صورت ۾ جنگ ناهي۔ هي ٻه فوجن جي وچ ۾ ويڙهه ناهي، پر بي هٿيار عوام خلاف منظم ۽ دانسته نسل ڪشي آهي، جنهن ۾ عورتون، ٻار ۽ پوڙها نشانو بڻجي رهيا آهن۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.