ڪراچي (رپورٽ: عرفان بلوچ) نئون آءِ جي سنڌ وزيراعليٰ ۽ چيف سيڪريٽري سان مليو، ڪچي آپريشن ۽ اسٽريٽ ڪرائم جي خاتمي تي زور ڏنو ويو، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نئين آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو سان ملاقات دوران صوبائي امن امان قائم رکڻ ۽ پوليس کي عوام دوست ۽ نتيجا ڏيندڙ بڻائڻ تي زور ڏنو، وڏي وزير نئين آءِ جي کي ڪمان سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته صوبي ۾ امن ۽ استحڪام حڪومت جي اولين ترجيح آهي، مراد علي شاهه چيو ته ڪچي جي علائقن ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن مڪمل طاقت سان جاري رکڻ گهرجي، جڏهن ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي خاتمي لاءِ قدم وڌيڪ تيز ڪرڻ لازمي آهن، سنڌ پوليس جو عوام دوست تاثر بحال ڪرڻ لاءِ هر سطح تي مضبوط قدم کنيا وڃن ۽ پوليس کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪرڻ جو مشن جاري رکڻ گهرجي، منشيات خلاف آپريشن کي پڻ وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي ۽ چيو ته حڪومت سنڌ پوليس جي بهتري لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، هاڻي پوليس کي به عملي نتيجا ڏيکارڻا پوندا، ٻئي پاسي چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه سان پڻ نئين آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو ملاقات ڪئي، جنهن دوران چيف سيڪريٽري نئين آءِ جي کي عهدي جو چارج سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سنڌ حڪومت جي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي، ملاقات ۾ پوليس اهلڪارن جي تربيت، سهولتن ۽ ويلفيئر کي بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو ويو.