ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ نئين سال جي موقعي تي هوائي فائرنگ جي واقعن ۾ عورت سميت 28 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ڪراچي ۾ نئون سال شروع ٿيندي ئي رات دير تائين مختلف علائقن ۾ هوائي فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 28 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ريسڪيو اختيارين موجب مختلف علائقن ۾ هوائي فائرنگ سان ٻن ٻارڙين ۽ عورت سميت 28 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
هوڏانهن پوليس مختلف علائقن ۾ ڪارروائي ڪندي 59 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
You might also like