65 سال اڳ 1960 ۾ آمريڪي سائنسدان هائنزوون فورسٽر اڳڪٿي ڪئي هئي ته 13 نومبر 2026 (جمعي ڏينهن) دنيا جو خاتمو ٿي ويندو.
جيئن ئي 2025 پڄاڻي تي پهتو ته سوشل ميڊيا تي هڪ ڀيرو ٻيهر 2026 ۾ دنيا جي خاتمي جون دعوائون وائرل ٿي ويون آهن.
ٽڪ ٽاڪ، ٽوئيٽر ۽ يوٽيوب تي ڇرڪائيندڙ پوسٽن ۽ وڊيوز واهپيدارن جو ڌيان حاصل ڪري ورتو آهي.
پر سائنسدانن واضح ڪيو آهي ته 2026 ۾ دنيا جي خاتمي جو ڪو سائنسي بنياد موجود ناهي.
سائنسدانن موجب ماحولياتي بحران، آبادي جي دٻاءَ، وسيلن جي کوٽ، ٽيڪنالاجي جي خطرن ۽ عالمي ڇڪتاڻ کي هڪ امڪاني خطري طور ڏسون ٿا.
نفسياتي ماهرن ۽ سماجي سائنسدانن جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي وائرل مواد جي شدت ۽ مسلسل شيئرنگ ان افواهه کي وڌائي ڇڏيو آهي، جنهن سان واهپيدارن ۾ خدشا ۽ خوف جي فضا قائم ٿي وئي آهي.
ماهرن جي راءِ آهي ته اسانن کي حقيقي خطرن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ افواهن بدران سائنسي ڄاڻ ۽ ماحولياتي شعور کي ترجيح ڏيڻ گهرجي.
You might also like