ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪنزيومر پروٽيڪشن ڪورٽ ڪراچي ڏکڻ مريض جي غلط ليبارٽري ٽيسٽ رپورٽ جاري ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي آغا خان يونيورسٽي اسپتال کي 16 لک 80 هزار رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت قرار ڏنو ته اسپتال طبي غفلت ۽ ناقص سروس فراهم ڪئي.
عدالتي فيصلي موجب درخواستگذار جي ليبارٽري ٽيسٽ ۾ هيپاٽائٽس سي کي ري ايڪٽو ظاهر ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت ذهني دٻاءَ، خوف ۽ سماجي بدنامي جو شڪار ٿيو.
درخواستگذار جي وڪيل بيرسٽر ارسلان راجا موقف اختيار ڪيو ته غلط ۽ خوفناڪ رپورٽ مريض جي زندگي تي گهرا ناڪاري اثر ڇڏيا.
درخواستگذار اها ئي ليبارٽري ٽيسٽ پوءِ ڊائو ليب مان ڪرائي، جنهن رپورٽ ۾ هيپاٽائٽس سي نان ري ايڪٽو نڪتي.
ٻڌڻي دوران اها ڳالهه به سامهون آئي ته آغا خان يونيورسٽي اسپتال نمونن جي مٽاسٽا جو اعتراف ڪيو ۽ ٻڌايو ته درخواستگذار کي ڪنهن ٻئي مريض جي رپورٽ جاري ٿي وئي هئي.
عدالت فيصلي ۾ سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته اسپتال ليبارٽري جي معياري اصولن جي ڀڃڪڙي ڪئي.
عدالت موجب اسپتال ڪو ليبارٽري اسٽاف شاهد طور پيش ڪرڻ ۾ به ناڪام رهي، جيڪو ان جي غفلت کي وڌيڪ واضح ڪري ٿو.
ڪنزيومر پروٽيڪش ڪورٽ قرار ڏنو ته غلط ۽ خوفناڪ طبي رپورٽ جاري ڪرڻ سنگين غفلت جي زمري ۾ اچي ٿو.
عدالت چيو ته اهو فيصلو واهپيدارن جي حقن جي تحفظ ۽ طبي ادارن کي معيار ۽ احتياط جو پابند بڻائڻ جي حوالي سان هڪ مثال ثابت ٿيندو.
You might also like