ڪراچي ۾ دهشت گردي جو منصوبو ناڪام، بلوچ شاگردياڻي کي بمبار بڻجڻ کان بچايو ويو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي کي وڏي تباهي کان بچائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، سيڪيورٽي ادارن ڪراچي کي وڏي تباهي کان بچائيندي دهشتگردن طرفان آپگهاتي حملي لاءِ تيار ڪيل هڪ معصوم شاگردياڻي کي ريسڪيو ڪري ورتو، ان سلسلي ۾ صوبائي گهرو وزير ضياء الحسنلنجار ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي آزاد خان ۽ ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سوشل ميڊيا ذريعي هڪ بلوچ نينگري سان رابطو ڪيو ويو، دهشت گردن طرفان ڪهاڻيون ٻڌايون ويون ۽ نينگري جو برين واش ڪيو ويو، ڪوشش آهي ته نينگري جي خاندان ۽ ايڊريس ظاهر نه ڪئي وڃي، حڪومت سندس بهتري لاءِ انتظام ۽ مدد فراهم ڪندي، اها اسان جي ترجيح آهي، اسان چاهيون ٿا ته سڀ کان پهرين نينگري ۽ سندس گهر وارن جي جان جي حفاظت يقيني بڻائي وڃي، صوبائي گهرو وزير جو چوڻ هو ته دهشت گردن جو بيانيو ڪوڙ تي ٻڌل آهي، اهي ماڻهو سوشل ميڊيا ذريعي رياست خلاف ڪوڙو بيانيو گهڙين ٿا، والدين ٻارن جي سوشل ميڊيا استعمال تي نظر رکن، بلوچ عوام کي به اهڙين دهشت گرد تنظيمن تي نظر رکڻ گهرجي، ضياء لنجار چيو ته وقتائتي ڪارروائي سبب نينگري کي بچائي ورتو، اسان جي پوري ڪوشش آهي ته نينگري ٻيهر پنهنجي تعليم جو سلسلو شروع ڪري ۽ هن ملڪ جو روشن مستقبل بڻجي، چاهيون ٿا ته نينگري پنهنجي خواهش موجب ٽيچر بڻجي ۽ ٻارن کي پڙهائي، ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي آزاد خان ٻڌايو ته ڪالعدم بي ايل اي جي اهلڪار انسٽاگرام ذريعي نينگري سان رابطو ڪيو ۽ کيس واٽس ايپ گروپ ۾ شامل ڪيو ويو، نينگري عام ٻارن وانگر سوشل ميڊيا استعمال ڪندي هئي، شروع ۾ کيس نفرت جوڳو مواد ڏنو ويو ۽ پوءِ ذهني تربيت ڪري کيس رياست مخالف بڻايو ويو، نينگري کي آپگهاتي بمبار بڻجڻ کان بچايو ويو، نينگري جي مڪمل ذهن سازي ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته توکان وڏو ڪم وٺڻو آهي، گهٽ عمر هئڻ سبب اسان نينگري کي جوابدار نٿا سمجهون، ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي موجب ڪراچي کان ٻاهر سنيپ چيڪنگ دوران نينگري کي پڪڙيو ويو، سندس ڪٽنب کي سڏائي سڀ حقيقتون ٻڌايون ويون، اسان کين ڪرمنل جسٽس سسٽم ڏانهن نه پيا وٺي وڃون، کين تحفظ فراهم ڪيو ويندو.

  1. ذهن ۾ ويهاريو ويو ته جان ڏيڻ ئي سڀ کان وڏو مقصد آهي:نينگري

ڪراچي: ڪراچي ۾ بلوچ شاگردياڻي کي بمبار ٿيڻ کان بچائڻ واري واقعي بابت وڌيڪ تفصيل ڏيندي ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي ٻڌايو ته جاچ مان ثابت ٿيو آهي ته پاڪستان مخالف ۽ پرڏيهي سرپرستي هيٺ تيار ڪيل مواد ذريعي ذهن سازي ڪئي وئي، هڪ هينڊلر همدردي ۽ مدد جي نالي ۾ رابطو ڪيو ۽ پوءِ آهستي آهستي خودڪش حملي لاءِ ڇوڪري کي ڀڙڪائڻ شروع ڪيو، ڇوڪري کي ڪراچي موڪليو ويو، پر پوليس ناڪن تي سخت چيڪنگ سبب مک ڪردار گهربل هنڌ تائين پهچي نه سگهيو ۽ سازش بي نقاب ٿي وئي،آزاد خان ٻڌايو ته ڊي بريفنگ دوران ڇوڪري نيٽ ورڪ ۽ واردات جي طريقي بابت مڪمل تفصيل ڏنا، ڇوڪري جي ننڍي عمر سبب فوري طور خاندان کي طلب ڪيو ويو. والده ۽ ڀائر ڀينر ڪراچي پهتا، جڏهن ته ڇوڪري کي مڪمل تحفظ ۽ عزت سان خاندان حوالي ڪيو ويو آهي، پريس ڪانفرنس دوران متاثر ڇوڪري جي سڃاڻپ لڪائي بيان جاري ڪيو ويو، ڇوڪري ٻڌايو ته سوشل ميڊيا تي نفرت جوڳو مواد سامهون آيو، پوءِ اهو ئي مواد بار بار ڏيکاريو ويو، رابطو وڌيو، لنڪس ۽ تقريرون موڪليون ويون ۽ آهستي آهستي اهو سڀ ڪجهه سچ لڳڻ لڳو، متاثر ڇوڪري موجب، جڏهن رابطه ڪار کي خبر پئي ته منهنجو والد ناهي ته هن همدردي جي نالي ۾ مون کي وڌيڪ ڦاسايو. واٽس ايپ گروپن ۾ بي ايل اي جي ڪارروائين کي بهادري طور پيش ڪيو ويو، جيڪو سراسر دوکو هو، ڇوڪري چيو ته منهنجي پڙهائي متاثر ٿيڻ لڳي ۽ ذهن ۾ اهو ويهاريو ويو ته جان ڏيڻ ئي سڀ کان وڏو مقصد آهي. مان گهر کان نڪرڻ لاءِ بهانو ٺاهيو. اڄ سمجهه ۾ آيو ته مان ڪهڙي تباهي ڏانهن وڃي رهي هيس، ناڪي تي پڇا ڳاڇا ٿي ته مان تمام گهڻي پريشان ٿي ويس، مان بلوچ آهيان، اسان جون روايتون عورت جي عزت سيکارين ٿيون، متاثر ڇوڪري جي والده چيو ته عوامي مفاد ۾ اسان بيان ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن ڪا ٻي ڇوڪري هن ڄار ۾ نه ڦاسي، رياست ماءُ وانگر منهنجي ڌيءَ جي جان به بچائي ۽ سندس عزت به مڪمل طور محفوظ رکي آهي.

  1. ڇوڪريءَ کي خودڪش بمبار ٿيڻ کان بچائڻ ساراهه جوڳو عمل آهي

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ هڪ بلوچ ڇوڪريءَ کي خودڪش بمبار ٿيڻ کان بچائڻ ۾ انٽيليجنس ايجنسين جي ڪردار جي تعريف ڪندي چيو آهي ته وقت سر معلومات ۽ گڏيل ڪارروائي ذريعي نه رڳو ڇوڪري کي محفوظ بڻايو ويو پر ان کان هڪ خودڪش جيڪٽ به هٿ ڪئي وئي. هن چيو ته ڇوڪريءَ نابالغ آهي ۽ حڪومت هڪ دانشمندي وارو فيصلو ڪيو آهي ته کيس قيد نه ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ڇوڪري کي دهشتگردن استعمال ڪيو ۽ ان ذريعي هڪ خطرناڪ ۽ خوفناڪ واقعو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي. هن چيو ته دهشتگردن سوشل ميڊيا ذريعي ڇوڪري کي ورغلايو، سندس برين واش ڪيو ۽ کيس پنهنجي ناپاڪ مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هي پهريون واقعو ناهي. دهشتگرد ٻين ماڻهن جي ٻارن کي پنهنجي ناپاڪ مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن سندن پنھنجا ٻار محفوظ ۽ بهتر هنڌن تي آھن. هن وڌيڪ چيو ته هي صرف هڪ ڇوڪري جو ڪيس ناهي، پر ڪيترائي ٻار آهن جن کي سوشل ميڊيا ذريعي گمراهه ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ سندن غلط استعمال ڪيو ويندو آهي. هي واقعو پوري قوم لاءِ اکيون کولڻ وارو آهي. هي ڪا تحريڪ نه پر کليل حيوانيت آهي، ۽ دهشتگرد حيوانيت جو مظاهرو ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجن ناپاڪ ارادن لاءِ معصوم ٻارڙن ۽ ٻارڙين کي نشانو بڻائي رهيا آهن.

  1. سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس ڪراچي کي وڏي تباهي کان بچائي ورتو: عطا تارڙ

اسلام آباد (بيورو) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس بروقت ڪارروائي ڪري ڪراچي کي وڏي تباهي کان بچائي ورتو ۽ هڪ ڇوڪري کي رستي ۾ ئي گرفتار ڪيو ويو، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته دهشتگرد تنظيم بي ايل اي ماڻهن جي ذهني تربيت ڪري کين دهشت گردي لاءِ استعمال ڪندي آهي، جڏهن ته بي ايل اي، ماهه رنگ بلوچ جي مڪمل حمايتي پڻ آهي، عطا تارڙ وڌيڪ چيو ته نيشنل سائبر ڪرائم ايجنسي جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي ۽ دهشت گردي جي مواد تي زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪئي وئي آهي، بي ايل اي جو مقصد پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ آهي، جڏهن ته دهشتگردن جو خاتمو نه رڳو ميدان ۾ پر سوشل ميڊيا تان به ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.