ڪراچي (رپورٽر) ڪورنگي مهراڻ ٽائون ۾ کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿيل 8 ورهين جي دلبر جي والد بيان ڏيندي چيو ته معصوم پٽ کيڏندي کيڏندي ڍڪ نه هجڻ ڪري گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويو، ڪورنگي مهراڻ ٽائون ۾ دلبر نالي 8 ورهين جو ٻار گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويو، والد اظهر علي موجب گٽر جو ڍڪ هڪ مهيني کان غائب هو، وارثن موجب دلبر والدين جو اڪيلو پٽ هو، علائقي ۾ ڪيترن ئي گٽرن جا ڍڪ موجود ناهن، حڪومت کان فوري طور ڍڪ لڳائڻ جو مطالبو ڪيون ٿا، ٻئي پاسي ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد ڪورنگي مهراڻ ٽائون پهچي فوت ٿيل ٻار جي وارثن سان تعزيت ڪئي، سلمان عبدالله مراد جو چوڻ هو ته هو سياست لاءِ نه پر تعزيت لاءِ آيو آهي، يو سي چيئرمين کي 10 ڏينهن اڳ ئي 10 گٽرن جا ڍڪڻ ڏنا ويا هئا، هن سانحي ۾ ذميوار اهلڪار هجي يا چونڊيل نمائندو، سڀني خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، هي ٽائون پيپلز پارٽي جو نه هجي پر فوت ٿيل ٻار اسان سڀني جو ٻار آهي، هر يو سي کي گٽر ڍڪن لاءِ هڪ لک رپيا ڏنا ويا، ٽائون چيئرمين سان رابطو ڪيو ويو پر هو حيدرآباد ۾ موجود هئو، نيپا واقعي وانگر هتي به اهڙو ئي ايڪشن کنيو ويندو.