ڪورنگي (رپورٽ: هدايت الله لاکو) انتظامي غفلت سبب ڪراچي ۾ هڪ ٻيو معصوم ٻار کليل مين هول ۾ ڪري فوت ٿي ويو. 8 ورهين جو ٻار دلبر علي ڪورنگي مهراڻ ٽائون سيڪٽر سڪس جي گهٽي ۾ راند کيڏندي کليل مين هول ۾ ڪري حياتي وڃائي ويٺو. واقعي وقت گٽر جو پاڻي مٿي تائين ڀريل هو، جنهن سبب ٻار کي بچائڻ جا امڪان انتهائي گهٽ هئا. ريسڪيو عملدارن موجب ٻار جو لاش مين هول مان ڪڍيو ويو، جڏهن ته پوليس به فوتگي جي تصديق ڪئي آهي. رپورٽن موجب هن سال جنوري کان هن وقت تائين اهڙو 14هون واقعو پيش آيو آهي، جڏهن ته مجموعي طور 27 شهري کليل مين هولن ۽ نالن سبب حياتي وڃائي چڪا آهن. انهن ۾ 14 ٻار مين هول ۾ ڪري ۽ 13 ماڻهو کليل نالن ۾ ڪري فوت ٿيا آهن. واقعي کانپوءِ به انتظاميا هميشا وانگر غيرحاضر رهي، نه ڊپٽي ڪمشنر ۽ نه ئي اسسٽنٽ ڪمشنر موقعي تي پهتا. شهرين انتظامي لاپرواهي خلاف سخت ناراضگي ظاهر ڪئي آهي.